راولپنڊي (م ڊ) ڀارت جو جنگي جنون ماٺو نه ٿيو، ايل او سي تي بنا جواز فائرنگ ڪري هڪ جوان سوڌو 5 شهرين کي شهيد ڪري ڇڏيو، جڏهن ته پاڪ فوج جي ڀرپور جوابي ڪارروائي ۾ ڀارتي فورس جا 9 اهلڪار مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. ڊي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور طرفان جاري ڪيل ٽوئيٽ بيان موجب ڀارتي فورس جوار، شاهه ڪوٽ ۽ نوسيري سيڪٽر تي ايل او سي تي ويڙهه بندي جي ڀڃڪڙي ڪئي. ڀارتي فوج ڄاڻي واڻي ايل او سي تي شهري آبادي کي نشانو بڻايو. بيان موجب پاڪ فوج ڀارتي فورس کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو ۽ جوابي فائرنگ ڪئي. آءِ ايس پي آر جي بيان موجب ڀارتي فوج جي فائرنگ ۾ هڪ فوجي جوان لانس نائڪ زاهد ۽ 5 شهري شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 3 شهري زخمي به ٿيا، جِن کي ڊسٽرڪٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته پاڪ فوج جي ڀرپور جوابي ڪارروائي ۾ ڀارت فورس جا 9 اهلڪار مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪ فوج جي منهن ٽوڙ جواب ۾ ڀارتي فورس جا 2 بنڪرز به تباهه ٿي ويا. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڀارت مبينا ڪئمپس کي نشانو بڻائڻ جي بهاني سان معصوم شهرين کي نشانو بڻائي رهيو آهي، ڀارتي فورس ڄاڻي واڻي شهري آبادي کي نشانو بڻائي رهي آهي. ڀارت کي ايل او سي تي ڀڇڪڙين جي صورت ۾ منهن ٽوڙ جواب ملندو ۽ پاڪ فوج ڀارتي فورس کي برداشت نه ڪرڻ جوڳو نقصان پهچائيندي. اُن سان گڏوگڏ سچ ٻڌائي ڀارت جي ڪوڙين دعوائن توڙي جعلي فليگ شپ آپريشنز کي وائکو به ڪيو ويندو.