جيڪب آباد (رپورٽ/يوسف رند) جيڪب آباد جي تعلقي ٺل ۾ خانگي ڪلينڪ تي گئس نه ملڻ سبب تازا ڄاول 4 ٻار فوت ٿي ويا، وارثن جي احتجاج بعد سينٽر کي سيل ڪيو ويو، جونگل موڙ تي واقع اسرار ميڊيڪل سينٽر جي آڪسيجن وارڊ ۾ داخل ٿيل چار معصوم ٻارڙا آڪسيجن نه ملڻ سبب تڙپي تڙپي اسپتال جي گئس وارڊ ۾ فوت ٿي ويا، واقعي کانپوءِ اسپتال جو ڊاڪٽرز ۽ ٻيو عملو فرار ٿي ويو، ٻارڙن جي وارثن پاران اسپتال انتظاميه جي غفلت خلاف اسپتال اندر احتجاج ڪيوويو، فوتي ٻارن جي وارثن چيو ته اسان جي ٻارڙن کي آڪسيجن گئس ۾ داخل ڪيو ويو، آڪسيجن گئس ختم ٿيڻ جي ڪري اسان جا ٻار فوت ٿيا آهن، فوتي ٻارن ۾ ڳوٺ بگن بنگلاڻي جي رهواسي ميانداد بنگلاڻي جو پٽ، ڳوٺ پيارو کوسو جي رهواسي هادي بخش جمالي جو پٽ، ٺل جي ريلوي اسٽيشن جي رهواسي حاجي گل حسن جو پٽ فوتين ۾ شامل آهن، جن جا لاش وارٽ ڳوٺ کڻائي ويا. واقعي جون خبرون ميڊيا ۾ اچڻ تي ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد غضنفر قادري علي قادري اسپتال ۾ ٻار فوت ٿيڻ جو نوٽيس وٺندي مختيارڪار ٺل پهچي اسپتال کي سيل ڪرڻ جو حڪم ڏنو، مختيارڪار ٺل پوليس ساڻ ڪري خانگي ميڊيڪل سينٽر کي سيل ڪيو، ڊي سي جيڪب آباد مامري جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.