اسلام آباد(بيورو)پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ لاڳاپا هڪ چيلنج کان گهٽ ناهن.يونيورسٽي ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته اسان پنهنجي ملڪ کي فلاحي رياست بنائڻ جا خواهشمند آهيون ۽ پاڪستان پنهنجي پاڙيسرين سان بهتر لاڳاپا چاهي ٿو. هن چيو ته ڀارت ڪشمير تي غاصباڻو قبضو ڪري رکيو آهي ۽ ڪشمير لاڪ ڊائون جو شڪار آهي.پاڪستان حق خود اراديت جي حصول تائين ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. شاهه محمود قريشي چيوته ڀارت والاريل ڪشمير جي صورتحال تي عالمي برادري جي اکين ۾ مٽي وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي جنهن کي هر فورم تي ناڪام بنايو ويندو.هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جنرل اسيمبلي ۾ والاريل ڪشمير جو ڪيس بهتر طريقي سان پيش ڪندي ڪرفيو هٽائڻ جو مطالبو ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي قائداعظم جي وزن موجب ٺاهي وئي آهي.