هڪ پاسي نيب ۽ ٻئي پاسي اليڪشن ڪميشن اسان سان امتيازي سلوڪ ڪري رهي آهي:سعيد غني

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ محنت واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته قانون موجب اليڪشن مهم ۾ چويھ ڪلاڪ پهرين تائين ورڪ نٿو ڪري سگھجي. چونڊيل نمائندو ٻاهر گھمي به نٿو سگھي گھوٽڪي ۾ چونڊ شيڊيول جي اعلان کان پوءِ عمران خان گورنر سنڌ سان گڏ اتي ويو پر ان جي خلاف ڪارروائي نه ڪئي وئي ان ڪري جيڪا سزا عمران خان کي ڏني وئي اها سان جي نمائندي کي به ڏني وڃي هڪ پاسي نيب ۽ ٻئي پاسي اليڪشن ڪميشن اسان سان امتيازي سلوڪ ڪري رهي آهي 18 آڪٽوبر هر سال جيان هن سال به عقيدت سان ملهايو ويندو صبح جو شهيدن جي مزارن تي ويندسين بلاول ڀٽو زرداري سڀاڻي ڪراچي مان عوامي مهم جو آغاز ڪندو اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ پريس ڪانفرنس سان خطاب ڪندي ڪيو هن ٻڌايو ته سڀاڻي جي جلسي لاءِ ٽريفڪ پلان ترتيب ڏنو ويو آهي پهرين هر ضلعي مان الڳ الڳ جلوس ايندا هئا هاڻ ڪوشش ڪنداسين ته عوام کي تڪليف نه ٿئي اسان ڪوشش ڪنداسين ته ايم ئي جناح روڊ ۽ شاهراھ قائدين تي ٽريفڪ هلندي رهي ڇو ته جڏهن ته به ڪو جلسو ٿيندو آهي عوام ئي تڪليف ۾ ايندو آهي هن اپيل ڪئي ته شهري سڀاڻي 6 لڳي کان پوءِ متبادل رستو اختيار ڪن هن چيو ته لاڙڪاڻي مان اطلاع سٺا نٿا اڇن اسان جي اميدوار جميل سومرو کي پولنگ جي ٻاهران روڪيو ويو ساانحا 27 ڊسمبر پاڪستان نه پر پوري دنيا جي تاريخ ۾ انوکو واقعو هو. 27 ڊسمبر ۽ 18 آڪٽوبر جي سانحن کي الڳ نٿو ڪري سگھجي. ٻئي هڪ ئي گروپ جا ڪم هئا پر اسان جي ايف آئي آر تائين داخل نه ڪئي وئي جڏهن ته ستاويھ ڊسمبر جي واقعي کان پوءِ شاهديون ڏنيون ويون. اطلاعات واري وزير چيو ته آصف زرداري جي علاج جي حوالي سان منهنجي ڳالھ ڪير به نه مڃين اهو ته چيو به وڃي ته پر نيب جي بورڊ ان ڳالھ جي هدايت ڪئي آهي ته آصف زرداري کي علاج ڏنو وڃي ڇپر ان کي علاج جي سهولت نٿي ڏني وڃي جڏهن ته جيل ۾ دوائن ۽ ايئر ڪنڊيشن جهڙيون سهولتون نٿيون ڏنيون وڃن اڊيالا جيل ۾ فريال ٽالپور ۽ آصف علي زرداري هڪ ئي ڪمري ۾ هئا جنهن جي انهن ڪا به شڪايت نه ڪئي پر جيڪڏهن ڪو به ڏوهاري بيمار هجي ته ان کي اسپتال آندو ويندو آهي جڏهن آصف علي زرداري اڳوڻو صدر، پارٽي اڳواڻ ۽ قومي اسمبلي جو ميمبر آهي پر ان کي علاج جون سهولتون نٿيون ڏنيون وڃن. ان ڪري اسان احتساب جو ڊرامو ختم ڪرڻ ۽ آزادي جو مطالبو ڪريون ٿا هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آوارا ڪتن جو مسئلو پوري پاڪستان جو مسئلو آهي پر گھمائي ڦيرائي فقط ڪراچي تائين محدود ڪيو ويندو آهي. جيڪڏهن پاڪستان يا ڪنهن ٻئي جاءِ تي ڪتا نه هجن ۽ صرف هتي هجن ئي ڪتي جي چڪڻ جا واقعا هجن ته پوءِ اسان کان پڇيو به وڃي پوئين سالن ۾ ڪتن کي ماريو ويندو هو هاڻ ائين نٿو ٿئي ان ڪري انهن جي انگ ۾ واڏارو ٿي رهيو آهي اسان انهن جي نسل جي واڌ ويجھ روڪڻ ۽ ريپرز جي خاتمي تي ڪم ڪري رهيا آهيون هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪي فوتگيون ڊينگي سان ٿيون آهن انهن جو افسوس آهي پر ڪيس ته اسلام آباد ۽ لاهور ۾ به آهن ڇا اتي ڊينگي تي ڪنٽرول ٿيو آهي.    

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *