جيڪب آباد انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس (جمس) انتظاميا جي نااهلي سبب تباھي جي ڪناري تي پهتل

جيڪب آباد (رپورٽ/يوسف رند) جيڪب آباد انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس (جمس) انتظاميا جي نااهلي سبب تباھي جي ڪناري تي پهچي وئي ، 68 ڪروڙ جي بجيٽ ھئڻ باوجود مريضن کي سھولت ڏيڻ ۾ ناڪام، ويم لاءِ ايندڙ عورتون مشڪلات کي منهن ڏيڻ لڳا، ويم دوران ڪيتريون ئي عورتون ۽ ٻار فوت، 4 سال گذرڻ باوجود ايمرجنسي شروع نه ٿي سگهي، ڪروڙين روپين جي بجيٽ ملڻ باوجود ايڪسري، الٽراسائونڊ ۽ مختلف ٽيسٽن لاءِ ڳري فيسون وصول ڪرڻ لڳا، لکين روپين جي ماليت جي چوري ٿيل دوائن جا چور ظاھر نه ٿي سگهيا، سفارش ۽ رشوت عيوض ڀرتيون ڪرڻ جو انڪشاف، اسپتال ۾ سياسي مداخلت جا اطلاع خبر موجب جيڪب آباد ۾ آمريڪي عوام جي امدادي اداري يوايس ايڊ جي تعاون سان جوڙيل جيڪب آباد انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس (جمس) اسپتال ۾ انتظاميا جي نااهلي سبب تباھي جي ڪناري تي پهچي وئي آهي، انتظاميا جي نااهلي جي ڪري علاج لاءِ ايندڙ مريض شديد مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، جمس ۾ مقرر ڊائريڪٽر عبدالواحد ٽڳڙ جي باري ۾  معلوم ٿيو آهي ته ھو پوليو مھم ھلائيندو ھو ان کي ڊائريڪٽر مقرر ڪرڻ جمس اسپتال جي قانون جي خلاف ورزي آهي ۽ جمس اسپتال جي بورڊ آف گورننس ۾ به غير مقامي ماڻھن کي ميمبر بڻايو ويو آهي جڏهن ته جيڪب آباد کان چونڊيل ميمبر قومي اسيمبلي ۽ سول سرجن  کي ميمبر نه بڻايو ويو آهي جنهن سبب بورڊ آف گورننس مڪمل غيرفعال بڻيل آهي، جمس کي بھتر طريقي سان ھلائڻ لاءِ بورڊ آف گورننس جو اھم ڪرادر ھوندو آھي پر ان جي غير فعال ھئڻ سبب جمس اسپتال ڪيترن ئي مسئلن جو شڪار آهي،  جمس اسپتال جو ساليانو بجيٽ 68 ڪروڙ رپيا آهي ڪروڙين روپين جي بجيٽ باوجود مريضن کي سھولت ڏيڻ ۾ ڪوتاهي ڪئي پئي وڃي ۽ اسپتال ۾ صفائي جو نظام مڪمل طور درھم ڀرم ٿيل آهي، ويم لاءِ ايندڙ عورتن کي اسٽاف پاران تذليل جو نشانو بڻايو پيو وڃي ويم لاءِ ايندڙ عورتن کي اھو چئي واپس ڪرايو وڃي ٿو ته اوهان جي ويم ۾ اڃان ٽائيم آهي، اسٽاف جي ان طرح جي رويي ۽ سھولتن جي کوٽ سبب ڪيترائي عورتون ۽ ٻار فوت ٿي چڪا آهن، جمس اسپتال کي 4 سال جو عرصو مڪمل ٿي ويو آهي پر اڃان تائين ايمرجنسي شروع نه ٿي سگهيو آهي ايمرجنسي شروع نه ٿيڻ سبب عوام ايمرجنسي سھولتن کان محروم بڻيل آهي، جمس اسپتال جي 68 ڪروڙ روپين جي بجيٽ ھئڻ باوجود ايڪسري، الٽراسائونڊ ۽ مختلف ٽيسٽن لاءِ ڳري فيسون وصول ڪيون پيون وڃن عوام کان فيس جي نالي سان ورتل پئسن جي آڊٽ کي خفيا رکيو پيو وڃي جنهن ۾ خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته فيس جي نالي سان لکين رپين جي اوڳاڙي کي ڪرپشن جي ور چاڙھيو پيو وڃي ٻي پاسي جمس اسپتال ۾ 2 دفعا 40 لک روپين کان وڌيڪ دوائون چوري ڪيون ويون آهن پر اڃان تائين ان جوابدارن جي نشاندهي نه ڪئي وئي آهي ۽ نه چوري واپس ڪرائي وئي، دوائن جي چوري کي سردخاني حوالي ڪيو ويو آهي. ٻي پاسي ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته جمس اسپتال ۾ ڀرتيون سياسي ۽ رشوت عيوض تي ڪيون ويون آهن ۽ اھل اميدوارن بدران نااهل اميدوارن کي ڀرتي ڪيو ويو آهي جڏهن ته اسپتال ۾ سياسي مداخلت جا به اطلاع آھن. جيڪب آباد جي شھرين وقار احمد، حافظ عبيد الله، نصير احمد ۽ ٻين جمس اسپتال جي خراب حالت تي شديد ڏک ۽ افسوس جو اظھار ڪندي چيو ته امريڪي عوام جي امداد سان جوڙيل عظيم الشان منصوبي کي ھڪ سازش تحت ناڪام بڻايو پيو وڃي، سياسي مداخلت، انتظاميا جي نااهلي، سھولتن جي کوٽ سبب عوام کي شديد مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، شھرين مطالبو ڪيو ته جمس اسپتال کي بھتر طريقي سان ھلائڻ لاءِ بورڊ آف گورننس کي فعال بڻايو وڃي، سفارش ۽ رشوت عيوض ٿيل ڀرتين کي ختم ڪري اھل ماڻھو ڀرتي ڪيا وڃن، مريضن کي سھولتون فراھم ڪيون وڃن، بلا جواز فيس وٺڻ کي ختم ڪيو وڃي جڏهن ته تجربيڪار ڊائريڪٽر کي ڀرتي ڪيو وڃي فورن ايمرجنسي جي سھولت مھيا ڪئي وڃي ان حوالي سان جمس اسپتال جي ڊائريڪٽر عبدالواحد ٽڳڙ سان رابطو ڪيو ويو پر ان نمبر اٽينڊ نه ڪيو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *