ڀٽ شاهه (رپورٽر) حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي 276 هين عرس مبارڪ جي ٻئي ڏينهن تي ايڇ ٽي سورلي هال ۾ ادبي ڪانفرنس ۾ مقالا پيش ڪندي دانشورن، محققن، اديبن، ۽ ليکڪن شاهه ڀٽائي جي شاعري ۾ موجود فڪر، فلسفي ۽ روحانيت کي عالمي طور تي روشناس ڪرائڻ لاءِ موثر حڪمت عملي جوڙڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ڀٽائي جو بي مثال پيغام نه صرف افراتفري، گهٽ ٻوسٽ واري ماحول جي انت جو واحد حل آهي پر هي پيغام عالم انسانيت لاءِ اونڌاهه ۾ روشن ڏيئي جي مثل آهي. ڪانفرنس کي صدارتي خطاب ڪندي نامياري ليکڪه ڊاڪٽر پروفيسر فهميده حسين چيو ته اها تلخ حقيقت آهي ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري کي سمجهڻ لاءِ وڏي ڪوشش نه ڪئي وئي آهي، امر فياض پاران سنڌي زبان کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ وارو ڪم ساراهه جوڳو آهي، ان ۾ وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي ته سنڌي ٻولي اوائلي آهي يا نه. هن چيو ته شاهه لطيف جي پيغام مان پيار ۽ محبت سان متحد ٿي جدوجهد ڪرڻ جو سبق ملي ٿو، هن وقت معاشري مان منفي لاڙا ختم ڪرڻ لاءِ حق جو دڳ اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. ثقافت واري وزير سردار علي شاهه چيو ته اڃان تائين ثقافت کاتي پاران لطيف جي پيغام جي حوالي سان جيترو ڪم ٿيڻ کپي ان طرف هڪ قدم به نه کنيو ويو آهي، جڏهن مون وزارت سنڀالي ته ثقافت کاتي جي عملدارن تي واضح ڪيو ته ٻن ڳالهين تي سمجهوتو ۽ لاپرواهي برداشت نه ڪبي، جن ۾ هڪ شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ ٻيو موهن جو دڙو آهي. هن چيو ته موهن جو دڙو اسان جي تهذيبي سڃاڻپ آهي جڏهن ته شاهه سائين اسان جو فڪري ۽ نظرياتي امام آهي، عالمي سطح تي لطيف سائين جي پيغام کي پکيڙڻ جي ضرورت آهي. ثقافت واري وزير اعلان ڪيو ته شاهه جي رسالي جو فارسي ۽ عربي ۾ ترجمو ڪيو ويندو. درگاهه حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي گادي نشين سيد وقار حسين شاهه لطيفي چيو ته اسان کي دنيا کي ٻڌائڻو آهي ته ڀٽائي جي درگاهه هڪ روحاني درسگاهه آهي، فوج ملڪ جي جاگرافيائي حدن جي محافظ آهي، شاهه لطيف، قلندر لال شهباز ۽ ٻيا بزرگ نظرياتي سرحدن جا محافظ آهن. هن چيو ته شاهه صاحب جو پيغام حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم، ٻين نبين ۽ حسينيت جو پيغام آهي، برقعو آل سعود جي ثقافت آهي نه ڪي اسلام جي، جڏهن ته اسلام جي ثقافت چادر آهي جنهن کي چادر ۽ چار ديواري جو تقدس چيو ويندو آهي. ڪانفرنس ۾ مقالو پڙهندي نامور ليکڪه زاهده حنا چيو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي جوڳين ۽ خانه بدوشن سان گڏ سنڌ جي سرزمين جو چپو چپو گهميو آهي ۽ شاهه لطيف جي شاعري سنڌ ڌرتي جو سينگار آهي.