ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته اها ڳالهه هاڻ ڪنهن کان به لڪل ناهي ته وفاق ڪراچي تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو.ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪچري جي صفائي جاري آهي. 3 لک ٽن ڪچرو کڻي چڪا آهيون. اڃان ڪجهه ڏينهن باقي آهن. ڪچرو کڄي ويندو. وفاقي حڪومت جيڪو ڪچرو کنيو ان جا غلط انگ اکر پيش ڪيا ويا. 1.5 لک ٽن ڪچرو کڻڻ جي دعويٰ غلط آهي. ڪراچي مان کنيل ڪچرو وزن ڪري پاسي ڪيو پيو وڃي. 70 سيڪڙو ڪچرو ان ضلعن ۾ هو جتان کان ڪچرو کنيو ئي نه پئي ويو.مراد علي شاهه چيو ته اها ڳالهه هاڻ ڪنهن کان به لڪل ناهي ته ڪراچي تي وفاق قبضو ڪڻ چاهي ٿو پر اسان آئين جي ابتڙ ڪوبه ڪم نه ڪرڻ ڏينداسين ۽ ڪراچي جو نالو ڪوبه تبديل ناهي ڪري رهيو. جڏهن ته علامه اقبال اهو خواب نه ڏٺو هو ته پاڪستان ۾ روزگار ڏيڻ ته پري جي ڳالهه پر ماڻهن کي بيروزگار ڪري رهيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪي فور تي اجلاس ٿيا ان منصوبي جي ڊزائين ۾ جيڪي مسئلا هئا ان کي حل ڪرڻ جي لاءِ ويٺا هئاسين منهنجي ڪوشش هئي ته ڪي فور جو ڊزائين صحيح ڪري ڪم شروع ڪريون.