حڪومت کي گهر موڪلڻ لاءِ مولانا فضل الرحمان سان گڏ آهيون: بلاول ڀٽو زرداري

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي سمجهي ٿي ته هن حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻو آهي،پيپلز پارٽي چاهي ٿي ته پوري ملڪ ۾ صاف ۽ شفاف چونڊون ٿين، اسان جو مختلف جماعتن سان اتحاد آهي ان کي اسين کڻي هلي رهيا آهيون جيڪي به صاف ۽ شفاف چونڊون چاهن ٿيون ۽ سڀئي متفق آهن ته عمران خان کي گهر وڃڻو پوندو.رتوديرو ۾ ايڇ آءِ وي مريضن لاءِ قائم ڪيل ٽريٽمينٽ سپورٽ سينٽر جي افتتاح بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته سڀاڻي پي ايس 11 تي ضمني چونڊ ٿي رهي آهي.جيڪو اميدوار جي يو آءِ ۽ پي ٽي آءِ جو گڏيل اميدوار آهي پر عوام پيپلز پارٽي سان گڏ آهي ۽ جيسيتائين مولانا فضل الرحمان جو ڪردار آهي ان جو جواب هو پاڻ ئي ڏئي سگهي ٿو.هن چيو ته سليڪٽيڊ حڪومت ڄاڻي واڻي هڪ اهڙي اميدوار کي بيهاري اسيمبلي ۾ موڪلي رهيو آهي، اسان ڌانڌلي ڪرڻ نه ڏينداسين جيڪڏهن ڌانڌلي نه ٿي ته جيت تير جي ٿيندي.هن چيو ته اپوزيشن پارٽين جي آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ اِهو فيصلو ٿيو هو ته ننڍي چونڊ ۾ سڀئي پارٽيون هڪٻئي جي سپورٽ ڪندا، آءُ ن ليگ وارن جو ٿورائتو آهيان جن پي ايس 11 تي پ پ پ جي حمايت ڪئي.هن چيو ته بنون ۾ جي يو آءِ جي اميدوار جي پ پ پ حمايت ڪئي ۽ بعد ۾ جي يو آءِ گهوٽڪي جي ننڍي چونڊ ۾ پ پ پ اميدوار جي حمايت ڪئي.هن چيو ته پي ٽي آءِ جي هڪ سال جي ڪارڪردگي جيڪا رهي آهي اها سڀنني کي خبر آهي ميڊيا مان هزارين ماڻهن کي بي دخل ڪيو ويو ان کان علاوه زراعت ۽ معيشت جي به صورتحال خراب آهي، ماڻهو بيروزگار ٿي ويا آهن، هي وڌيڪ ادارن کي بند ڪري رهيا آهن، اسان کي معاشي حالتن کي تبديل ڪرڻ لاءِ پنهنجي سوچ تبديل ڪرڻي پوندي،

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *