هراسمينٽ مامرو: لمس جي شاگردياڻي انتظاميا طرفان جُڙيل جاچ ڪميٽي تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي: گرلز هاسٽل ڇڏڻ جو فيصلو

ڄامشورو (رپورٽر) لمس جي شاگردياڻي سائره ٿهيم ۽ سندس والد مبينا هراسمينٽ بابت انتظاميا طرفان جُڙيل جاچ ڪميٽي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي. لمس جي شاگردياڻي سائره ٿهيم پنهنجي والد خاوند بخش ٿهيم سان گڏ هراسان ڪرڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ جُڙيل ڪميٽي آڏو پيش ٿيا. جنهن دوران ٻن استادن طرفان شاگردياڻي کي مبينا هراسان ڪرڻ بابت بيان ورتا ويا. ڪميٽي آڏو پيش ٿيڻ بعد شاگردياڻي سائره ٿهيم چيو ته گرلز هاسٽل ۾ نه رهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڪميٽي شروع کان وٺي ساڳيا سوال پُڇي رهي آهي. سائره ٿهيم چيو ته هوءَ مبينا طور هراسان ڪندڙ استادن وٽ نه پڙهندي، کين سزا ڏني وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *