جلوس ڪڍو يا ڌرڻا هڻو، احتساب جو عمل جاري رهندو:گورنر سنڌ

نوابشاهه (ڊ ر)گورنر سنڌ عمران اسماعيل چيو آھي ته سنڌ ھڪ آھي ۽ ھڪ ئي رھندي جڏھن ته سنڌ ورھاڱي کي برداشت نه ڪيو ويندو نه ئي ان  جا حامي آھيون ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت پنھنجي مدت پوري ڪري کيس ڪوبه تنگ نه ڪندو، نه ان ھائوس تبديلي ٿيندي نه ئي وري گورنر راڄ لڳائڻ جي ڪا ڳالهه ٿي رھي آھي  اھڙن خيالن جو اظھار ھن اڄ نوابشاھ ۾ نالي واري اداڪار مرحوم گلاب چانڊيو جي لاڏاڻي تي سندس پونئيرن سان تعزيت ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ اسيمبلي جو اپوزيشن اڳواڻ فردوس شميم نقوي، ايم پي اي حليم عادل شيخ ۽ ٻيا صوبائي اسيمبلي ميمبر پڻ موجود ھئا. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر سنڌ وڌيڪ چيو ته جيڪا پارٽي عوام جي ووٽن سان چونڊجي اچڻ کانپوءِ عوامي ڀلائي جا ڪم ڪندي تنھن کي ڪير به ھٽائي نٿو سگھي ھن وڌيڪ چيو ته ھن وقت ملڪ ۾ لانگ مارچ جو ڪوبه جواز ناھي لانگ مارچ ڪندڙن کي پڻ خبر ناھي ته ھو لانگ مارچ ڇو ڪري رھيا آھن ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن وڌيڪ چيو ته نيب آزاد ادارو آھي۽ احتساب جو عمل جاري رھندو چاھي ڀلي ڪير ڌرڻون هڻي يا جلوس ڪڍي پر احتساب جو عمل نه رڪبو ھن چيو ته معشيت ھن وقت صحيح رخ اختيار  ڪيو آھي ۽ ملڪ ۾ معاشي بھتري اچي رھي آھي ھن ھڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ چيو ته اڄ علائقي جي ماڻھن پاران صحت تعليم، حيسڪو، گيس ۽ ٻين ادارن بابت شڪايتون ڪيون آھن ان لاء صوبائي کاتن ۾ مسئلن جي حل لاءِ سنڌ حڪومت کي خط لکيو ويندو جڏھن ته وفاق سان واسطو رکندڙ ادارن جي مسئلن جي حل لاءِ لاڳاپيل کاتن جي عملدارن کي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ھدايتون ڏنيون ويون آهن ۽ مسئلا حل نه ٿيڻ جي صورت ۾ وزيراعظم کي لاڳاپيل عملدارن خلاف سخت ڪاروائي لاءِ گذارش ڪندس ته جئين انھن عملدارن خلاف سخت ڪاروائي ڪري سگھجي ان اڳ گورنر سنڌ عمران اسماعيل پي ٽي آئي اڳواڻ عنايت رند پاران ڏنل مانجهاندي ۾ شرڪت ڪئي.بعد ۾ گورنر سنڌ نوابشاھ ويجھو کڏھر ۾ پي ٽي آئي اڳواڻ غلام رسول انڙ پاران سندس مان ۾ ڏنل آجياڻي ۾ پڻ شرڪت ڪئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *