اسلام آباد آزادي مارچ جي ڪاميابي لاءِ ٺل ۾ زبردست ريلي، مارچ،هزارين ڪارڪن شريڪ

October 15, 2019 at 3:15 am

جيڪب آباد (رپورٽر) اسلام آباد آزادي مارچ جي ڪاميابي لاءِ ٺل ۾ زبردست ريلي، سوين جي يو آءِ جي جهنڊن سان گاڏين ۽ موٽر سائيڪلن سان تعلقي ٺل جي مختلف علائقن ۾ مارچ، خبر موجب: جمعيت علماءِ اسلام پاران اسلام آباد آزادي مارچ جي ڪاميابي لاءِ هڪ وڏي آزادي مارچ ريلي جامعه مسجد ٺل کان ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري، سيد شاهه محمد شاهه، سيد عبدالباسط شاهه، مفتي علي حسن ٻرڙو، حافظ محمد عباس نوناري، ڊاڪٽر خليل احمد کوسو، مولانا عبدالجبار رند، مولانا عبدالقادر بنگلاڻي، قاري عنايت الله مهر، مولانا تاج محمد ڀٽي، مير حسن ٻرڙو، سلمان گهنيو، مولانا همت الله  ٻرڙو، حافظ عبدالرزاق بلوچ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪڍي وئي، سوين گاڏين ۽ موٽر سائيڪلن ذريعي شهر ۾ مارچ ڪرڻ بعد تعلقي جي مير پور ٻرڙو، ميرل آباد، جهانگي واهه، مبارڪپور، جاڙيون، جونگل، بختيارپور، شيرواهه، توج، دينپور ۽ ٻين ڳوٺن ۽ شهرن جو 6 ڪلاڪن تائين گشت ڪيو، انهيءِ موقعي تي مٿين اڳواڻن تقريرن ۾ چيو ته هاري، مزدور، ننڍا تاجر ۽ عوام خراب معاشي صورتحال کان گذري رهيا آهن ان صورتحال کان نڪرڻ لاءِ جي يو آءِ پاران اسلام آباد ڏانهن آزادي مارچ ڪيو ويندو، جيڪو مڪمل پر امن هوندو، هن چيو ته هن آزادي مارچ ۾ ملڪ جي تمام تنظيمن جي يڪجهتي ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آهي، هنن چيو ته جي يو آءِ عدم تشدد جي پاليسي تي عمل ڪري رهي آهي، ۽ ڪنهن به اداري سان ٽڪراءُ نه ٿي چاهي هنن وڌيڪ چيو ته 23 آڪٽوبر تي جيڪب آباد ۾ پڻ هڪ وڏي آزادي مارچ ريلي ڪڍي ويندي.

اي پيپر