لاهور:(م ڊ)مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جي بجاءِ لنگر خانا کولي رهي آهي. چين صنعتون لڳائي ملڪ کي غربت مان ڪڍيو.مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب مريم نواز جي پيشي جي موقعي تي صحافين سان غير رسمي ڳالهائيندي چيو آهي ته حڪومت روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ جي بجاءِ لنگر خانا کولي هي آهي.عمران خان چين ۽ ترڪي جي ترقي جون مثالون ڏئي ٿو. چين عوام کي صنعت جي ذريعي غربت مان ڪڍيو. مريم اورنگزيب چيو ته نوازشريف ملڪ ۾ صنعت کي هٿي ڏني جنهن سبب ماڻهن کي روزگار مليو ۽ سي پيڪ به نوازشريف کڻي آيو هو.اسان جي دور ۾ ترقي جي شرح ڇهه سيڪڙو تي پهتي جڏهن ته ملڪ ۾ روڊن جو ڄار وڇايو ۽ 11 هزار ميگاواٽ بجلي جو اضافو ڪيو ويو.اسان جي دور حڪومت ۾ عوام کي وڌ کان وڌ نوڪريون ڏنيون ويون، بنيادي سهولتن سان گڏ مناسب اگهن تي شيون ملنديون هيون.خان صاحب جي حڪومت ۾ نه روزگار رهيو آهي نه ئي وري گهٽ اگهه تي کاڌ خوراڪ جو سامان پيو ملي، عوام ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهي