ارسا ۾ وفاق جو نمائندو سنڌ مان مقرر نه ڪرڻ ناانصافي آهي، آمريتي دور ۾ به ائين ناهي ٿيو: وڏو وزير مراد علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار ارسا ۾ وفاق جو ميمبر سنڌ مان مقرر نه ڪرڻ تي اعتراض واري ڇڏيو. وڏي وزير چيو آهي ته آمريتي دور ۾ به ائين ناهي ٿيو، جيئن موجود حڪومت ۾ ڪري رهي آهي. ڪراچي سرڪلر ريلوي بابت پاس ٿيل ٺهراءُ جي ڪاپي چين ۾ موجود وزيراعظم ڏانهن موڪلي وئي آهي. سنڌ اسيمبلي ۾ اجلاس دوران سوالن جا جواب ڏيندي وڏي وزير چيو ته ارسان طرفان ٿيندڙ پاڻيءَ جي ورڇ تي سنڌ کي سدائين اعتراض رهيو آهي، سال 2000ع ۾ طئه ٿيو هو ته ارسا ۾ پنجون وفاقي ميمبر سنڌ مان هوندو، اڄ تائين وفاق جو جيڪو به ميمبر ٿيو، اُهو سنڌ مان ڪيو ويو. هلندڙ سال ۾ 11 جولاءِ تي وزيراعظم کي ٻيون خط لکي 3 نالا تجويز ڪيا، پر وفاق ارسا ۾ سنڌ جو ميمبر مقرر ڪرڻ بدران هڪ ميمبر کي ارسا مان کڻن جو فيصلو ڪيو آهي، اها ته آمريت آهي. وڏي وزير چيو ته وفاق طرفان سنڌ سان ناانصافي ڪئي پئي وڃي، پاڻيءَ جي ورڇ به 91ع واري ٺاهه پٽاندڙ نه ٿيڻ معاهدي جي ڀڃڪڙي آهي. وزيراعظم کي خط لکي چيو آهي ته گذريل آمريتي دورن ۾ به ائين نه ٿيو آهي، جيئن موجود حڪومت ۾ ٿئي ٿو. حقيقت ۾ سمورن صوبن سان زيادتي ٿي رهي آهي، پر ٻيا صوبا خاموش آهن، اسان خاموش نه ويهنداسين. وڏي وزير جو چوڻ هو ته ڪراچر سرڪلر ريلوي جي حوالي سان اسيمبلي مان جيڪو ٺهراءُ پاس ٿيو، اُن جي ڪاپي چين ۾ به وزيراعظم ڏانهن موڪلي وئي آهي. نواز ليگ جي حڪومت به سي پيڪ رٿائن کي صحيح نموني هلايو، گذريل هڪ سال کان ڪم رُڪجي ويو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *