اسلام آباد (بيورو) پاڪستان ڀارتي بچاءُ واري وزير جو فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس بابت بيان رد ڪندي چيو آهي ته ڀارتي بچاءُ واري وزير جو ايف اي ٽي ايف بابت بيان حقيقتن جي خلاف آهي سومر تي هڪ بيان ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڀارتي بچاءُ واري وزير دعويٰ ڪئي هئي ته پاڪستان ڪنهن به وقت بليڪ لسٽ ٿي ويندو هن چيو ته ڀارت ايف اي ٽي ايف کي پاڪستان جي خلاف سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي هن چيو ته ڀارت ايف اي ٽي ايف جي پاڪستان بابت پروسيڊنگز تي اثرانداز ٿي رهيو آهي هن چيوته ڀارت ايشيا پيسفڪ گروپ ۾ پنهنجي مددگار چيئرمين شپ جو غلط استعمال ڪري رهيو آهي هن چيو ته پاڪستان ان ڏس ۾ پنهنجا خدشا ميمبر ملڪن آڏو رکي چڪو آهي هن چيو ته اميد آهي ته ميمبر ڀارت جي اهڙين گمراهه ڪندڙ سازشن ۾ نه ايندا هن چيو ته اميد آهي ته ميمبر ڀارت جي معاملي کي سياسي رنگ ڏيڻ جي ڪوششن کي رد ڪري ڇڏيندا.