ماڻهن ۾ صبر نه آهي، اڃا 13 مهينا مس ٿيا آهن ۽ چون ٿا ته ڪٿي آهي نئون پاڪستان؟: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان غريب ماڻهن کي مفت ماني کارائڻ واري پروگرام احساس سيلاني لنگر جو افتتاح ڪري ڇڏيو. وزيراعظم چيو آهي ته ماڻهن ۾ صبر نه آهي، اڃا 13 مهينا مس ٿيا آهن ۽ چون ٿا ته ڪٿي آهي نئون پاڪستان؟. وزيراعظم عمران خان احساس سيلاني لنگر اسڪيم جو افتتاح ڪري ڇڏيو. وزيراعظم جي خصوصي معاون ثانيه نشتر موجب احساس سيلاني لنگر اسڪيم تحت روزانو 600 ضرورتمند ماڻهن ۾ مفت کاڌو ورهايو ويندو ۽ اُن کي مرحليوار ٻين شهرن تائين به وڌايو ويندو. هُن ٻڌايو اسڪيم تحت سموري ملڪ ۾ 112 لنگر خانا کوليا ويندا. افتتاحي تقري کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته احساس پروگرام ملڪ ۾ غربت ختم ڪرڻ جي حوالي سان سڀ کان وڏو پروگرام آهي، حڪومت کي ڪمزور طبقي جي ذميواري کڻڻي آهي ۽ هن پروگرام تحت لنگر خاني لاءِ فنڊز ڏنا ويندا. اسان مهانگائيءَ ڪري سمورو ٽئڪس غريبن مان گڏ ڪندا آهيون، جنهن جي ڪري فاصلا وڌي ويا آهن، اُن سان نظام ۾ برڪت نه ايندي آهي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته ڪاروباري طبقي جي مدد ڪنداسين ته جيئن اُهو پئسو ٺاهي، اُن سان اسان جو ٽئڪس گڏ ٿيندو ۽ پوءِ اُهو ڪمزور طبقي تي خرچ ڪيو ويندو، جيئن چين ڪيو آهي. تقريب کي خطاب دوران وزيراعظم چيو ته نئون پاڪستان هڪ فلاحي رياست جي صورت ۾ هوندو، جيڪو اڃا تائين نه ٿيو آهي. ماڻهن ۾ صبر نه هوندو آهي، اڃا 13 مهينا مس ٿيا آهن ۽ ماڻهو چون ٿا ته ڪٿي آهي نئون پاڪستان؟ اسان لاءِ مديني جي رياست آئيڊيل آهي پر اُها پهرئين ڏينهن نه ٿي هئي، اُها جدوجهد هئي ۽ هي ملڪ به تبديل ٿيندو، توهان ڏسندئو ته تبديلي ڪيئن ايندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *