اسلام آباد (بيورو رپورٽ) هاڻي نيب ٽئڪسز ۽ بئنڪ ڊفالٽ وارا ڪيس نه ڏسندو: نيب چيئرمين واپارين طرفان آرمي چيف آڏو ظاهر ڪيل ڪجهه خدشن کي بنا جواز قرار ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي رٽائرڊ جسٽس جاويد اقبال چيو ته نيب ڪاروباري طبقي لاءِ قدم کڻي چڪو آهي، ڪاروباري طبقي وزيراعظم ۽ آرمي چيف سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ نيب جي حوالي سان خدشن جو اظهار ڪيو ويو. نيب چيئرمين چيو ته واپارين جا ڪجهه خدشا بي بنياد هئا، جِن کي رد ڪريان ٿو، تنهن ڪري هُن سمجهيو ته بنا جواز تنقيد جو جواب ڏيڻ ضروري آهي. نيب جي قيام کي 21-22 سال ٿي چڪا آهن ۽ آئون 22 مهينن مان نيب چيئرمين آهيان، ادارن ۾ گهٽ وڌايون ٿي سگهن ٿيون. نيب چيئرمين چيو ته نيب اهڙو ڪوبه قدم نه کڻندو، جنهن سان ڪاروباري طبقي کي پريشاني ٿئي، ڪاروبار جي 10 عنصرن مان هڪ جو به نيب شيئر هولڊر نه آهي. ٽئڪس لڳائڻ ۽ اضافو ڪرڻ ۾ نيب جو ڪوبه ڪردار نه آهي. جڏهن ته نيب ڪيترائي ڀيرا ڪوشش ڪري چڪو آهي ته ڪاروباري طبقي کي وڌيڪ فعال ڪيو وڃي. سموري دُنيا ۾ روزگار مهيا ڪرڻ خانگي طبقي جو ڪم آهي. سندس چوڻ هو ته نيب طرفان ڪنهن به واپاري کي بنا جواز پريشان نه ڪيو ويو آهي، اُميد ته واپارين جا نيب جي حوالي سان مسئلا حل ٿي ويندا. نيب مسئلو نه، مسئلن جو حل آهي.