لاهور جيل مان هڪ صاحبزادي وٽان پڪڙيل موبائل مان زبردست معلومات حاصل ٿي آهي: شيخ رشيد جو انڪشاف

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد دعويٰ ڪئي آهي ته لاهور ۾ جيل مان هڪ صاحبزادي وٽان پڪڙيل موبائل مان زبردست معلومات حاصل ٿي آهي، ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته مون کي اطلاع هئا ته مولانا فضل الرحمان احتجاج نه ڪرڻ تي راضي هو، 24 ڪلاڪن ۾ ڇا ٿيو سمجهه ۾ نه ٿو اچي، هن چيو ته ڪرپٽ سياستدانن ملڪ کي ڦريو ۽ لٽيو، عمران خان هن ملڪ کي ٻڏڻ کان بچايو آهي، شيخ رشيد چيو ته مون کي پوري اميد آهي ته عمران خان 5 سال پورا ڪندو، عمران خان جي قيادت ۾ حالتون ۽ معيشت بهتر ٿيندي، هن چيو ته صرف 5 ماڻهن کي اين آر او ڏيڻ جو معاملو آهي، جهڙي ڏينهن اين آر او مليو ته سڀ تحريڪون ختم ٿي وينديون، هُن انڪشاف ڪيو ته لاهور جيل ۾ هڪ صاحبزادي وٽان موبائل پڪڙي وئي آهي، عورت وٽان پڪڙيل موبائل مان زبردست انفارميشن حاصل ٿي آهي، جيڪي ماڻهو رابطي ۾ هئا سڀني ماڻهن متعلق موبائل فون رڪارڊ موجود آهي، شيخ رشيد پنهنجي دعويٰ ۾ ڪنهن جو نالو ناهي ورتو پر هن وقت مسلم ليگ ن جي نائب صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي صاحبزادي لاهور جي ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد آهي. وفاقي وزير چيو ته اڄ بلاول ۽ زرداري جي سياست مختلف ۽ نواز شريف و شهباز جي سياست مختلف آهي، ن ليگ جا ٻه ٽڪرا ٿي چڪا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *