مولانا فضل الرحمان اعلان ڪيل احتجاج جي تاريخ تي نظرثاني ڪري: شاهه محمود قريشي جي اپيل

اسلام آباد(بيورو)پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته جي يو آءِ اڳواڻ مولانا فضل الرحمان کي اپيل آهي ته هو اعلان ڪيل احتجاج جي تاريخ تي نظر ثاني ڪري.هن ياد ڏياريو ته 27 آڪٽوبر تي ڀارت والاريل ڪشمير تي ناجائز ۽ غير قانوني قبضو ڪيو هو جنهن  سبب ان ڏينهن کي ڪشميري ڪارو ڏينهن ڪري ملهائيندا آهن. رپورٽ موجب نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي مخدوم شاهه محمود قريشي ان ڳالهه کي به مڃيو ته احتجاج ڪرڻ مولانا فضل الرحمان جو حق آهي پر اعلان ڪيل تاريخ مناسب ناهي. ڇو ته ان ڏينهن تي ڪشميري پوري دنيا ۾ ڪارو ڏينهن ملهائيندا آهن.هن واضح ڪيو ته مولانا فضل الرحمان جي حب الوطني ۽ ان جي ڪشمير سان محبت تي ڪوبه شڪ ناهي. پر 27 آڪٽوبر تي احتجاج ڪرڻ سان ڪشمير ڪاز کي نقصان پهچندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *