فردوس عاشق اعواڻ افغان طالبان جي وفد جي وزيراعظم سان ملاقات وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آبادۡ(بيورو) وزيراعظم جي سُڌ سماءُ بابت صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ افغان طالبان جي وفد جي وزيراعظم سان ملاقات وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي.ٽوئٽر تي جاري بيان ۾ فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته طالبان وفد سان گڏ پرڏيهي آفيسر ۾ ڳالهيون مفاهمتي عمل جي لاءِ بهترين قدم آهي. پاڪستان هميشه علاقائي ۽ اعلمي امن لاءِ بهتر ماحول پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته گذريل ڏينهن البان وفد جي پرڏيهي وزير سان  ملاقات ان سلسلي جي ڪڙي هئي پراميد آهيان ته ان سان بهترين نيجا نڪرندا. هن چيو ته وزياعظم  ۽ طالبان وفد جي ڪابه ملاقات ناهي ٿي. گذريل ڏينهن طالبان وفد پرڏيهي وزير سان ملاقات ان سلسلي جي ڪڙي هئي. ان حوالي سان شايع  ٿيندڙ خبرن ۾ ڪابه صداقت ناهي.واضح رهي ته افغان طالبان جو 12 رڪني وفد ملا عبدالغبي برادر جي اڳواڻي ۾ پاڪستان جي دوري تي موجود آهي جتي هن پرڏيهي وزارت ۾ پاڪستاني اختيارين سان ملاقات ڪئي جڏهن ته افغان طالبان جي وزيراعظم سان ملاقات جون خبرون به سامهون آيون هيون.پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغان مسئلي جي پرامن حل جي لاءِ سموريون ڪوششون ڪرڻ جو  وقت اچي ويو آهي ۽ افغانستان ۾ مستقل امن جي لاءِ پاڪستان  سمورين ڪوششن جي حمايت جاري رکندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *