پاڪستان سمجهي ٿو ته جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي:شاهه محمود قريشي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان سمجهي ٿو ته جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي، افغانستان ۾ امن جي لاءِ ڳالهيون ئي مثبت ۽ واحد رستو آهي، قطر جي گادي واري هنڌ دوحا ۾ طالبان جو اعليٰ سطحي وفد مُلا عبدالغني برادر جي سربراهي ۾ پاڪستان پهتو، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي وفد کي پرڏيهي وزارت ۾ ڀليڪار چيو. ملاقات دوران خطي جي صورتحال، افغان امن عمل سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهين جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ٻه طرفا ڀائپي وارا لاڳاپا، مذهبي، ٿقافتي ۽ تاريخي بنيادن تي ٻڌل آهن. هن چيو ته گذريل چاليهه سالن کان افغانستان ۾ عدم استحڪام جو فقدان ٻئي ملڪ گڏيل طور تي ڀوڳي رهيا آهن. اسان کي خوشي آهي ته اڄ دنيا، افغانستان جي حوالي سان اسان جي موقف جي حمايت ڪري رهي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان خوشي سان گذريل چار سالن کان لکين افغان پناهگير ڀائرن جي ميزباني ڪندو آيو آهي ۽ اسان افغان عمل ۾ گڏيل ذميواري تحت نهايت ايمانداري سان بهتر ڪردار ادا ڪيو آهي، پرامن افغانستان پوري خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ بهتر آهي. اسان جي خواهش آهي ته ڌرين جون ڳالهيون جلد بحالي طرف وڌن ته جيئن ديرپا ۽ پائيدار امن ۽ استحڪام جي راهه هموار ٿئي سگهي. ان موقعي تي افغان طالبان جي اعليٰ سطحي وفد افغان امن عمل ۾ پاڪستان جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *