قومي سلامتي مستحڪم معيشت سان واڳيل آهي: آرمي چيف

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته قومي سلامتي جو واسطو مستحڪم معيشت سان آهي، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ميزباني ۾ ڪراچي آڊيٽوريم ۾ معيشت ۽ سيڪيورٽي جي ٻطرفن اثرن جي موضوع سان سيميبار ٿيو، جنهن ۾ حڪومت جي معاشي ٽيم ۽ ملڪ جي واپارين شرڪت ڪئي. سينيٽر مشاهد حسين سيد، ڊاڪٽر اشفاق حسن، ڊاڪٽر فرخ سليم، ڊاڪٽر اينول حسن سيمينار ۾ شريڪ ٿيا. اُن کانسواءِ ڊائريڪٽر جنرل ايف ڊبليو او ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل ۽ ڊاڪٽر سلمان شاهه به موجود هئا. آءِ ايس پي آر موجب واپاري بادري حڪومتي ٽيم کي ڪاروباري ماحول ۾ بهتري لاءِ تجويزون ڏنيون. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سيمينار ۾ شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته معيشت ۾ بهتري آڻڻ لاءِ صلاح مشورن جو عمل جاري رهڻ گهرجي. ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور طرفان جاري ڪيل بيان موجب سيمينار معيشت ۽ ڪاروبار ۾ هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان تجويزون تيار ڪرڻ هو. اهڙن سيمينارز جو مقصد سمورين ڌرين کي هڪ پليٽ فارم مهيا ڪرڻ آهي. اُن موقعي تي اقتصادي ٽيم واپاري برادري کي حڪومتي قدمن جي حوالي سان آگاهي ڏني. سيمينار کي خطاب ۾ آرمي چيف چيو ته قومي سلامتي جو واسطو مستحڪم معيشت سان آهي ۽ ملڪ جي اندروني سيڪيورٽي جي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي، جنهن جا اثر اقتصادي سرگرمين تي به پوندا. آرمي چيف چيو ته نجي ۽ سرڪاري ادارن جي رابطن ۾ واڌ هاڪاري قدم آهي، ملڪي معيشت بهتر ٿي آهي ۽ واپاري برادري کي پرامن ماحول مهيا ڪيو ويو آهي. خطاب دوران آرمي چيف جو وڌيڪ چوڻ هو ته سيمينار ڪرائڻ جو مقصد معاشي ۽ اقتصادي ترقي ماڻڻ لاءِ سفارشون تيار ڪرڻ هو، واپاري برادري سان تعاون جاري آهي ۽ سيڪيورٽي جي بهتر صورتحال کي برقرار رکڻ لاءِ به اپاءَ ورتا پيا وڃن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *