ڪراچي( اسٽاف پورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ محنت واري کاتي جي صوبائي وزير سعيد غني سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا ڪارنر تي ڳالهائيندي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ ڪابينا جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ سنڌ جو چيف سيڪريٽري، ڪابينا جا سمورا اڳواڻ، صوبائي صلاحڪار ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنڌ ريسڪيو 1122 جو قيام، پوليس جي قانون تي عملدرآمد ڪرڻ ۾ پيش ايندڙ مشڪلن کي حل ڪرڻ، اسلحي لائسنس جي فيس ۾ اضافو ڪرڻ،گذريل ٻن سالن يعني جنوري 2018کان جون 2019 تائين اين ايف سي ايوارڊ جو ساليانو جائزو. سنڌ بينڪ جي مالي معاونت، ڪي ڊبليو ايس بي جي ٽيرف جي نظرثاني، ٿرپاور ۽ انرجي کاتي وچ ۾ پاڻي جي استعمال جو معاهدو، هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي ايڪٽ 2013 ۾ ترميم، لائيو اسٽاڪ بريڊنگ سروس اٿارٽي جو قيام، سينئر ليڪچرار سبين سليم ميمڻ جي سروس بحالي، انفرا اسٽريڪچر سيس 2017 تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي اجلاس ۾ گهرو کاتي جي سيڪريٽري پوليس قانون جي نفاط ۾ دشوارين بابت بريفنگ ڏني جنهن ۾ پوليس قانون تي مشڪلن جي حل لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي آهي. جنهن ۾ قانون وارو صلاحڪار، ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ، پي جي سنڌ، گهرو کاتي جو سيڪريٽري، فنانس جو سيڪريٽري، آئي اينڊ سي ايس اين جي ڊي ۽ آئي جي پوليس شامل هوندو، اجلاس ۾ ريسڪيو سروس 1122 تي خيالن جي ڏي وٺ اهو ايجنڊو ري هيبليٽيشن کاتي پيش ڪيو آهي ۽ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ريسڪيو سروس جي قيام جو بل تيار ڪيو ويو آهي اجلاس ۾ ريسڪيو سروس لاءِ 13 اڳواڻڻ تي جوڙيل ايمرجنسي ڪونسل جي قيام جي به تجويز ڏني وئي جنهن ۾ ڪونسل جو چيئرمين سنڌ جو وڏو وزير هوندو جڏهن ته پرائيوٽ سيڪٽر مان 2،2 فرد شامل ڪيا ويندا قانون جي ڊرافت تحت سنڌ ريسڪيو سروس اڪيڊمي جو قيام عمل ۾ آندو ويندو اها اڪيڊمي ٿوري ۽ ڊگهي عرصي تائين به ڪورس ڪرائيندي ته جيئن ان ڪم ۾ ٽيڪنيڪل ماڻهو اڳتي اچي سگهن اها اڪيڊمي اسپيشل ڪورس ڪرائي شعبي ۾ ماهرن کي اڳتي آڻيندي ان تجويز تي ڪابينا سب ڪميٽي جي قيام جي منظوري ڏني جنهن ۾ صحت واري وزير ، ريهيبليٽيشن، قانون وارو صلاحڪار شامل هوندا اها سب ڪميٽي قانون واري ڊرافٽ جو جائزو وٺندي ۽ پنهنجيون سفارشون پيش ڪندي. اطلاعات واري وزير وڌيڪ ٻڌايو ته سنڌ ڪابينا اعزازي اسلحي لائسنس جي فيس هڪ هزار مان وڌائي ٻه هزار ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي فيس وڌائڻ جو مقصد لائسن جاري ڪرڻ جي طريقه ڪار ۾ خرچن کي پورو ڪرڻ آهي ان خرچن ۾ ڪمپيوٽر لائسنس جاري ڪرڻ لاءِ ڊاڪيو مينٽيشن به شامل آهن هن ٻڌايو ته سنڌ ڪابينا اين ايف سي جي ٻن سالن جي رپورٽ ڪابينا ۾ پيش ڪرڻ جي به منظوري ڏني آهي، سعيد غني ٻڌايو ته سنڌ بينڪ جي حوالي سان ڪيترائي اهم اپائڻ جي منظوري ڏني آهي.جنهن ۾ تجربيڪار ماڻهن کي هائير ڪرڻ، فراڊ مينجمينٽ رسڪ جي اصول مطابق عمل ڪرڻ، آئي ٽي جي شعبي مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ ڦاٿل قرضن کي واپس آڻڻ، 2019 ۾ وڌيڪ 20 برانچون قائم ڪرڻ ۽ ٻيا اهم فيصلا شامل آهن ان موقعي تي سنڌ بينڪ جي صدر عمران سرمد ڪابينا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت 3 بلين رپيا سنڌ بينڪ ۾ جمع ڪرائي چڪي آهي جڏهن ته 2020 تائين سنڌ حڪومت 14.7 بلين رپيا سنڌ بينڪ جي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائيندي پلاسٽڪ بيگ تي سڀاڻي کان پاپندي هوندي جيڪو عملدرآمد ۾ رڪاوٽ بڻجندو ان خلاف قانون مطابق ڪارروائي ڪئي ويندي هن وڌيڪ چيو ته ڪتي ڏاڙهڻ جي ويڪسين جو بحران صرف سنڌ ۾ ناهي سموري پاڪستان ۾ آهي گهٽتائي ضرور آهي پر ويڪسين موجود آهي اين آئي ايچ جي ويڪسين بڻائڻ جي تعدا گهٽ آهي هن ميڊيا کي ٻڌايو ته ملير ڪالا بورڊ جي سيوريج لائن مان پٿر نڪتا آهن ڪجهه شرارتي ۽ شيطان ماڻهو شهر کي گندو ڪري رهيا آهن عوام نشاندهي ڪن اسان ڪارروائي ڪنداسين هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اطلاعات کاتي ۾ ڪرپشن کي روڪڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون ڊمي اخبارن جو خاتمو ڪيو ويندو