راولپنڊي(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وفاق ريڊ لائن ڪراس ڪئي ته مولانا فضل الرحمان کان وڏو مارچ ٿيندو، اسان عوام سان گڏجي ڪٺ پتلي نالائق ۽ نااهل حڪومت کي گهر موڪڀلينداسين.راولپنڊي ۾ اڊيالا جيل ۾ پنهنجي پيءُ آصف علي زرداري سان ملاقات کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته پيپلز پارٽي جي جدوجهد جو سلسلو جاري آهي، جيل پيپلز پارٽي ۽ آصف زرداري جي لاءِ ڪا نئين ڳالهه ناهي.هن چيو ته جڏهن اڳوڻي صدر کي گرفتار ڪري سگهجي ٿو ته سوچو هڪ عام پاڪستاني کي انهن عدالتن مان انصاف ملي سگهي ٿو؟ هي اُها ئي راولپنڊي آهي جتان جي عدالتن ذوالفقار علي ڀٽو جو عدالتي قتل قرار ڏنو ۽ اڄ تائين ان جي معافي گهرڻ جي لاءِ تيار ناهن.ڳالهه کي جاري رکندي سندس چوڻ هو ته اسان جي جدوجهد جاري آهي، آصف زرداري بيمار ضرور آهي پر حوصلا بلند آهن، هو بهادر ضرور آهي ۽ انهن جو ظلم برداشت ڪرڻ لاءِ تيار آهي پر پنهنجي اصولن تي سمجهوتو ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته آصف زرداري پنهنجي نظريي تي سمجهوتو ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، جنهن تي اسان فخر ڪندا آهيو، اُهي ماڻهو آصف زرداري کي سندس حقن کان محروم رکي رهيا آهن پر اسان انهن جي دٻاءَ ۾ نه اچي رهيا آهيون نه اينداسين.بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته آصف زرداري پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن ۽ عهديدارن جي لاءِ پيغام موڪليو آهي ته پنهنجي اصولن تي ڄميل رهيو ۽ سمجهوتو نه ڪيو، توهان آمرن جو مقابلو ڪيو آهي ته هاڻ وقت اچي ويو آهي ته ان ڪٺ پتلي جو مقابلو ڪيون.پنهنجي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي هن چيو ته جڏهن سليڪٽڊ حڪومت ايندي آهي ته ڪنهن ٻئي جي ڪري ايندي آهي، اِها عوام جي ووٽن جي ڪري ناهي ايندي ۽ ان ڪري هنن کي عوام جي تڪليف جو احساس ناهي ٿيندو.