چين سان ٻطرفو تعاون پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۾ خاص اهميت رکي ٿو:صادق سنجراڻي

اسلام آباد (بيورو) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان چين جي سفير ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويئي سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو ته چين سان ٻطرفو تعاون پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۾ خاص اهميت رکي ٿو هن چيو ته چين پاڪستان دوستي اقتصادي پاٽنرشپ ۾ داخل ٿي چڪي آهي هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت پارليمان ۽ عوام پاڪستان چين دوستي کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو هن چيو ته خطي جي ترقي ۽ خوشحالي ٻنهي جو گڏيل ويزن آهي سينيٽ جو چيئرمين چيو ته ايشيا اقتصادي رچرپر جو مرڪز بڻجي رهيو آهي سينيٽ جي چيئرمين چيو ته چين جو ڪردار خطي ۾ اهم آهي هن چيو ته پاڪستان ۽ چين هر ڏکئي وقت ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو صادق سنجراڻي چيو ته بين الاقوامي فورمز تي تعاون مثالي آهي هن چيو ته پاڪستان ون چائنا پاليسي تي قائم آهي هن چيو ته چين پاڪستان جي اهم مسئلن تي پاڪستاني موقف جي تائيد ڪئي اهي سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو ته اعتماد جو رشتو وقت سان گڏوگڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *