والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن بند ڪرائڻ لاءِ اقوام متحده کي اڳتي اچڻو پوندو:پرڏيهي وزير

نيويارڪ (م ڊ) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 74هين اجلاس جي موقعي تي گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وزير شيخ عبدالله بن زائدالنهان سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملاقات دوران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۽ خطي ۾ امن امان جي صورتحال سميت اهم علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويئي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستاني عوام جي دلين ۾ يو اي اِي ۽ خاص ڪري شيخ زيد بن سلطان النهان لاءِ خاص محبت ۽ احترام آهي مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته هندستان پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ کنيل هڪ طرفي قدم نه صرف گڏيل قومن جي ٺهرائن جي خلاف آهن پر دنيا جي قانون جي به ڀڃڪڙي جي زمري ۾ اچن ٿا شاهه محمود قريشي چيو ته آسام ۾ هندستان ٻه ملين جي لڳ ڀڳ بنگالي مسلمانن جي رجسٽريشن اوچتو ختم ڪري کين پنهنجي ئي ملڪ ۾ دربدر ڪري ڇڏيو آهي شاهه ۾حمود قريشي چيوت ه ڀارت گذريل 50 ڏينهن کان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪرفيو هڻي ڇڏيو آهي هن چيو ته گذريل ڏينهن هوسٽن ۾ هزارين ماڻهن والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن جي خلاف مظاهرو ڪيو جن ۾ هندو ڪانگريس جا ميمبر به احتجاج ۾ شامل هئا شاهه محمود قريشي چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن خلاف سڄي دنيا مان آزاد اچي رهيا آهن ايتري قدر جو ڪانگريس جا ميمبر به کلي ڀارتي ظلم جي خلاف آواز اٿاري رهيا آهن هن چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جا 80 لک مسلمان، عالمي برادري ۽ خاص ڪري مسلم امت ڏانهن ڏسي رهيا آهن ٻنهي پرڏيهي وزيرن جو خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *