صفائي مهم کان پوءِ روزانو 14 هزار ٽن ڪچرو کنيو پيو وڃي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته صفائي مهم کان اڳ ڪراچي مان روزانو 11 هار ٽن ڪچرو کنيو پئي ويو مهم کان پوءِ روزانو 14 هزار ٽن ڪچرو کنيو پيو وڃي تفصيل موجب مرتضيٰ وهاب چيو ته ماڻهن جي تعاون سان ڪچري کي صاف ڪري سگهون ٿا هڪ ڀيرو صفائي ٿي وڃي پوءِ روزانو صفائي جو خاص خيال رکيو ويندو پيپلزپارٽي ميدان ۾ لهي چڪي آهي سڀ ڪم ڪيا ويندا مرتضيٰ وهاب چيو ته وزيراعظم عمران خان ڪراچي سان 162 ارب جو واعدو ڪيو هو واعدو پورو ڪيو وڃي ها ته ڪراچي جا مسئلا ختم ٿي وڃن ها ڪراچي جون 3 اسپتالون وفاقي حڪومت کي منتقل ڪيو ويون. مرتضيٰ وهاب چيو ته لياري ۾ ناقص صفائي سٿرائي تي بلاول ڀٽو نوٽيس ورتو آهي بلاول ڀٽو لياري ۾ صفائي تي رپورٽ گهري ورتي آهي بلاول ڀٽو جي هدايت تي لياري آيو آهيان لياري ۾ صفائي تي لاڙڪاڻي وڃي بلاول ڀٽو کي رپورٽ ڏيندس هن وڌيڪ چيو ته لياري ۾ صفائي سٿرائي بابت گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي لياري بلاول ڀٽو ۽ پيپلزپارٽي جو ڳڙهه هو آهي ۽ رهندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *