آڪٽوبر تائين دوائن جي خريداري کي يقيني بڻايو وڃي: سيد مراد علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران اسپتالن جي سڀني ايڪسري ۽ ٻين ليبارٽري يونٽن کي آئوٽ سورس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن انهن کي صوبي جي ماڻهن کي فائدو پهچائڻ لاءِ 24 ڪلاڪ استعمال ۾ آڻي سگهجن. سرڪاري اسپتالن جي ريڊيالاجي ۽ ليب سروسز ڳوري لاڳت سان قائم ڪيون ويون آهن ۽ انهن کي هلائڻ لاءِ به ڳوري لاڳت ايندي پر اهو هميشه کان استعمال لاءِ ناڪافي رهيو آهي ۽ کيس مناسب طريقي سان سارسنڀال به نه پئي ڪئي وڃي. هن اهو فيصلو اڄ وزيراعليٰ هائوس ۾ صحت کاتي جي هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، سيڪريٽري صحت سعيد اعواڻ، ناڻي وارو سيڪريٽري حسن نقوي، سيڪريٽري پي ايڇ اي نياز عباسي، سيڪريٽري ورڪس اينڊ سروسز عمران عطا سومرو، سي اي او پي پي ايڇ آئي وهاب سومرو، وائيس چانسلر ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائينس سعيد قريشي، ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر اين آئي سي وي ڊي ڊاڪٽر نويد قمر ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو سڀني ضلعي هيڊڪوارٽرن، تعلقي جي اسپتالن ۽ ايتري قدر جو بنيادي صحت جي يونٽن-پلس ليبارٽرين ۽ ريڊيالاجي سروسز 24 قائم ڪيون ويون آهن پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو  ته وڏي پيماني تي فنڊز خرچ ڪرڻ جي باوجود به اهي ليبس ۽ ريڊيالاجي سروسز 24 ڪلاڪ لاءِ استعمال نه پئي ٿئي جهڙوڪه نجي شعبي اندر ڪم ۾ ايندا آهن. هن چيو ته ليبارٽري جا اوزار ۽ ريڊيالاجي مشينن جي سارسنڀال هڪ الڳ مسئلو آهي. هن صحت کاتي کي هدايت ڪئي ته هو ليبس ۽ ريڊيالاجي سروسز کي 24 ڪلاڪ آپريٽ ڪرڻ واري معاهدي سان گڏ آئوٽ سورس ڪرڻ بابت هڪ منصوبو تيار ڪري. هن چيو ته اسان انکي (پرائيوٽ پارٽنر) کي فنڊز ۽ اسٽاف ڏيڻ لاءِ به تيار آهيون پر اهو لازمي ليبس ۽ ريڊيالاجي مشينن کي وڌ کان وڌڪ گنجائش موجب استعمال ۾ آڻين ۽ کين مناسب طريقي سان سارسنڀال به لهن. دوائن جي خريداري: وڏي وزير صحت کاتي کي هدايت ڪئي ته هو آڪٽوبر تائين دوائن جي خريداري کي يقيني بڻائي،

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *