اسلام آباد (بيورو) وزيراعطم جي سڌسماءِ جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته عوام جي خوشحالي ۽ قومي ترقي لاءِ حڪومتي قدمن جا ثمر اچڻ شروع ٿي ويا آهن پهريون ڀيرو حڪمرانن بدران قومي خزاني جي ڪمائي وڌي رهي آهي سومر تي ٽيوٽر تي پنهنجي بيان ۾ ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي اڳواڻي ۾ معاشي سڌارن جي ايجنڊا تي ڪاربند ۽ اقتصادي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي هن چيو ته ٽيڪس روينيو وڌائڻ ۽ مالياتي خساري کي ڪنٽرول ۾ رکڻ اسان جي پهرين اوليت آهي هن چيو ته حڪومت هلندڙ مالي سال جي پهرين ٻن مهينن ۾ گذريل سال جي 509 ارب جي ڀيٽ ۾ 580 ارب رپيا ٽيڪس گڏ ڪيو هن چيو ته ايف بي آر ۾ 6 لک نوان ٽِڪس ڏيندڙ شامل ٿيا ان ڪاميابي جو ڪريدٽ عمران خان ڏانهن وڃي ٿو جنهن پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ٽيڪس اڳاڙي جي فرض کي قومي تحريڪ جي شڪل ڏني هن چيو ته پهرين ڀيرو حڪمرانن بدران قومي ناڻي جي ڪمائي وڌي رهي آهي هن چيو ته هي ملڪ ۽ قوم ۽ معيشت لاءِ سٺي خبر آهي ٻن سيلولر ڪمپني کان لائسنس فيس جي مد ۾ 70 ارب رپيا وصول ٿيا هڪ ٻي ڪمپني کان وڌيڪ 70 ارب وصول ٿيڻ جي اميد آهي هن چيو ته هن سيڪٽر مان ڪل 200 ارب رپيا حاصل ٿيندا هن چيو ته ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ 73 سيڪڙو گهٽتائي هڪ وڏي ڪاميابي آهي هن چيو ته ايڪسپورٽ ۾ واڌ ۽ امپورٽ ۾ گهٽتائي ٿي ڊاڪتر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته حڪومت پنهنجا خرچ گهتايا آهن ٻن مهينن ۾ ڪائي سپليمينٽري گرانٽ منظور ناهي ٿي جڏهن گه گذريل ڪجهه هفتن ۾ ڪرنسي جو قدر بهتر ٿيڻ سان حڪومت ۾ 246 ارب رپيا بچت ٿي آهي هن چيو ته هن سال حڪومت اٽڪل هڪ هزار ارب رپيا نان ٽيڪس روينيو گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي جنهن ۾ 200 ارب رپيا سيليولر سيڪٽر، 400 ارب رپيا اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي منافعي ۽ 300 ارب رپيا آر ايل اين جي پلانٽس جي نجڪاري سان ملڻ جي اميد آهي.