ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): مڪاني کاتي وارو وزير سيد ناصر حسين شاهه ۽ محنت واري وزير سعيد غني سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 21 سيپٽمبر 2019 کان ڪراچي ۾ صفائي مهم شروع ڪئي ويندي جنهن ۾ گڏ ٿيل ڪچرو کنيو ويندو (بيڪ لاڪ) ۽ ڪوشش ڪئي ويندي ته هڪ مهيني اندر سڄو ڪراچي نه به ته گهڻي ڀاڱي ضرور صاف نظر ايندو جنهن جو دائرو وڌائيندي سڄي سنڌ تي پکيڙيو ويندو. صوبائي وزير چيو ته ميڊيا جو ڪردار مهم ۾ انتهائي اهم هوندو. هن ميڊيا کي درخواست ڪئي ته هو ڪچرو کڻندي به ڏيکارين ۽ بلدياتي ادارن ۽ حڪومت کي سانٽ ۽ مثنت اميج کي وڌائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. صوبائي وزيرن چيو ته سنڌ سالڊ ويسٽ مينجمينٽ جي صلاحيت وڌائي وئي آهي، پهرين 5 هزار ٽن ڪچرو کنيو پيو وڃي اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته صلاحيتن کي وڌائيندي کين استعداد 16 هزار ٽن روزاني تائين ڪئي وڃي. وڏي وزر ان سلسلي ۾ جائزه اجلاس ڪوٺايو ويندو. بلديات واري وزير چيو ته صفائي مهم ۾ ڪراچي ۾ مختلف جاين تي عارضي جي ٽي ايس ٺاهيون وينديون جتان کان ڪچرو جلد ئي لينڊ فل سائيٽس تائين پهچايو ويندو. مهم کانپوءِ هي جي ٽي ايس ختم ڪيون وينديون. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ميئر ڪراچي، ڪمشنر ڪراچي ، سمورا ڊپٽي ڪمشنر، ميونسپل ڪمشنرز ۽ چيئرمين ڊي ايم سي سميت سڀني لاڳاپيل ادارا گڏجي باهمي حڪمت عملي ۽ ٺوس ۽ مربوط بنيادن تي اُپاءُ وٺڻ کي يقيني بڻائينداسين سڀني جو مقصد ڪراچي کي صاف سٿرو بڻائڻ ۽ ڪراچي ۾ گهڻي وقت کان گڏ پيل ڪچرو (بيڪ لاڪ) کي هر ممڪن حد تائين کڻڻ ۽ لينڊ فل سائيٽ تائين پهچائڻ آهي.