ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي وفاقي سرڪار کان استعيفيٰ ۽ ملڪ ۾ نئين سر چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته 18هين ترميم کانپوءِ صوبن جي خودمختياري تي راتاهو نٿو هڻي سگهجي. پ پ سينيٽر رضا رباني ۽ صوبائي وزير سعيد غني سنڌ اسيمبلي ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 18هين ترميم کانپوءِ پارليامينٽ واضح پيغام ڏنو آهي ته وفاق جي ٿنڀ (صوبن) جا پنهنجا حق آهن. 18هين ترميم کانپوءِ صوبائي خودمختياري تي ڪابه ڪاري ضرب نٿي لڳائي سگهجي. سندن چوڻ هو ته 149 (2) ۾ وفاق وٽ مداخلت جو اختيار هو، 18هين ترميم کانپوءِ اُنهي شق کي ڪڍيو ويو آهي. آرٽيڪل 149هاڻي رڳو هدايتن تائين محدود آهي ۽ هاڻي ڪارروائي ممڪن نه آهي. پ پ اڳواڻن چيو ته آرٽيڪل 149 تحت چيو وڃي ته هاڻي هو سڀ ڪجهه سنڀالي سگهن ٿا، اها آئين جي ڀڃڪڙي هوندي. وفاقي هدايتن کي به شق نمبر 3 ۾ محدود ۽ واضح ڪيو ويو آهي. پيپلز پارٽي وفاقي سرڪار کان استعيفيٰ ۽ ملڪ ۾ نئين سر چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. اڳواڻن چيو آهي ته موجوده حڪومت مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي، پي ٽي آءِ جي وفاقي سرڪار جيڪو ڊرامو ڪري رهي آهي، اُهو آئين جي خلاف آهي.