اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي آرٽيڪل 149 ۽ فروغ نسيم جي بيان جي حوالي سان وضاحت ڪندي چيو آهي ته وفاقي سرڪار سنڌ حڪومت سان ڇيڙ ڇاڙ نه ڪندي، بلاول کي دٻاءُ ۾ اچي سنڌو ديش جون ڳالهيون نه ڪرڻ گهرجن. سنڌ جي ماضي واري ڪردار کي سڀ تسليم ڪن ٿا. قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي خورشيد شاهه چيو ته پي ٽي آءِ ڪراچي ۾ آرٽيڪل 149 لاڳو ڪرڻ جو نئون بحث ڇيڙي ڇڏيو آهي، اُهو هڪ خطرناڪ بحث ڇيڙيو ويو آهي. هُن چيو ته پي ٽي آءِ سرڪار جي نيت ۾ ڪا ٻي ڳالهه آهي ته واضح ٻڌائي، باقي ڪچري تي سياست ناهي ٿيندي، ڪچري سان به پنجاب جو لاهو به ڀريو پيو آهي. خورشيد شاهه چيو ته پي ٽي آءِ سرڪار سِڌي ڳالهه ڪري، باقي ڪچري ۽ آرٽيڪل 149 جا بهانا نه ڪري. قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب دوران پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته هو سنڌ جي چونڊيل نمائندن کي ٻڌائڻ گهري ٿو ته توهان جي ذهن ۾ ڪابه ڳڻتي نه هجڻ گهرجي، سنڌ جي ماضي واري ڪردار کي سڀ تسليم ڪن ٿا ۽ اسان صوبائي خودمختياري تي ڪابه رهنڊ اچڻ نه ڏينداسين. شاهه محمود قريشي چيو ته فروغ نسيم پنهنجي بيان جي وضاحت ڪري ڇڏي آهي ۽ چيو آهي ته سندس بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو آهي. سنجيدگي ۽ ديانتداري سان بلاول کي چوان ٿو ته ڪنهن جي دٻاءُ ۾ اچي سنڌو ديش جون ڳالهيون نه ڪري، پيپلز پارٽي وفاق جي ڳالهه ڪندي آهي، پارٽي جي چيئرمين بلاول طرفان سنڌ ڪارڊ جون ڳالهيون ڪرڻ مناسب نه آهي. وفاقي سرڪار سنڌ حڪومت سان ڪابه ڇيڙ ڇاڙ نه ڪندي.