اسلام آباد(بيورو)پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جنيوا جي 3 ڏينهن جي دوري کان پوءِ پاڪستان واپس پهچي ويو آهي.ان دوران صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته جمهوريت جي ڪوڙي دعويدار ڀارت جو چهرو دنيا جي سامهون بي نقاب ٿي چڪو آهي. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ظلمن سبب سموري دنيا ۾ ڀارت کي تنقيد کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ڪشميري ڀائرن کي اهو ڏيکارڻ چاهيون ٿا ته حقن کي حاصل ڪرڻ واري جدوجهد ۾ اسان انهن سان گڏ آهيون. هن چيو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.واضح رهي ته والاريل جمون ۽ ڪشمير جي معاملي تي پاڪستان کي ان وقت وڏي سفارتي ڪاميابي ملي جڏهن انساني حقن جي ڪائونسل ڀارت کان پنج مطالبا پورو ڪرڻ جو چيو. ڪائونسل ڀارت کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪشميرين کان آزادي نه ڦري وڃي ۽ گرفتاراڳواڻن کي به آزاد ڪيو وڃي. ڀارت عالمي ميڊيا ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي والاريل علائقن تائين پهچ ڏئي. ڪائونسل پنهنجي ٽئين مطالبي ۾ ڀارت کي والاريل جمون ۽ ڪشمير ۾ ڪميونيڪيشن ۽ بليڪ آئوٽ ختم ڪرڻ جو چيو آهي.والاريل جمون ڪشمير مان ڪرفيو جو فوري طور تي خاتمو ۽ گڏيل قومن جي انساني حقن ڪمشنر جي سفارشن جو عمل به مطالبن ۾ شامل آهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته اسان کي سڀني کان وڏي ۽ اهم ڪاميابي ملي آهي اها ڪاميابي اها آهي ته 50 ملڪن پاڪستان جي حمايت ۾ پنهنجو گڏيل بيان جاري ڪيو. هن ٻڌايو ته ان 50 ملڪن ۾ مختلف خطن سان تعلق رکندڙ ملڪن جا نمائنده به شامل هئا. ٻئي طرف گڏيل قومن ۾ هيومن رائيٽس ڪمشنر ميچل بشلٽ چيو آهي ته والاريل جمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو ويندو.