هاڻ اسان هن غير جمهوري حڪومت کي هلڻ نه ڏينداسين : بلاول ڀٽو زرداري جو اعلان

حيدرآباد:(رپورٽر)پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اعلان ڪيو آهي ته هاڻ اسان هن غير جمهوري حڪومت کي هلڻ نه ڏينداسين.حيدرآباد ۾  پارٽي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀتو چيو ته  قانون واري وفاقي وزير ڪراچي تي قبضي جو پلان پيش ڪيو. جيڪڏهن ڪراچي تي غير آئيني قبضي جي ڪوشش ڪئي وئي ته حڪومت کي گهر وڃڻو پوندو. بلاول ڀٽو چيو ته پ پ ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جي خلاف سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندي. اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته غير آئيني طريقي سان ڪراچي کي اسلام آباد مان ڪنٽرول ڪيو وڃي. هن  حڪومت کي تنقيد جو نشانو بنائيندي چيو ته ملڪ هلائڻ ڪو ميچ ناهي اهڙين ئي حرڪتن  سبب ماضي ۾ ملڪ ٽٽو هو. بلاول ڀٽو چيو ته آمر 18 ترميم تي حملو ڪرڻ اچي رهيا آهن پر اسان 18هين ترميم جي ذريعي 1973ع جي اصل آئين کي بحال ڪرايو. آمرن سان وڙهي قربانيون ڏئي آئين کي بحال ڪيو. هاڻ واري اسان جو وزيراعظم سنڌ ۾ اچي چوي ٿو ته وفاق 18هين ترميم جي ڪري ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي رهيو آهي.هن چيو ته سنڌ کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڪراچي تي قبضي جو مذاق ڪيو پيو وڃي، پر پ پ ڪٺ پتلي ۽ غير جمهوري قوتن جي سامهون ڀت جيان بيٺل هوندي. ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جي وسيلن تي قبضو برداشت نه ڪنداسين. وزيراعظم کي تنقيد جو نشانو بنائيندي بلاول ڀٽو چيو ته عمران خان ملڪ ۾ ماڻهن کي سياسي قيدي بنائي ڇڏيو آهي ۽ عوام کان سندن حق ڦريا پيا وڃن. هن چيو ته سليڪٽڊ جو ڪم عوام کي خوش رکڻ ناهي هوندو. عوام مٿان وڌل مهانگائي جو وزن ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين. بلاول چيو ته جڏهن آصف زرداري جي حڪومت آئي هئي ته پاڪستان دهشتگردي جو شڪار هو، مشڪلاتن جي باوجود آصف زرداري ملڪ کي سنڀاليو. هن چيو ته معاشي مشڪلاتن جي باوجود آصف زرداري پگهارون ۽ پينشنون وڌايون آصف زرداري مشڪل حالاتن ۾ به غريب عوام کي رليف ڏنو.هن چيو ته وفاقي حڪومت ٽيڪس جمع نٿي ڪري سگهي اها ڪيئن حڪومت هلائيندي، نااهل حڪومت جي ڪري  هر صوبي کي گهٽ پئسا ملي رهيا آهن. بلاول چيو ته سنڌ جي گيس پوري پاڪستان کي ڏني ويندي آهي پر سنڌ حڪومت تي هر طرف کان حملا ٿي رهيا آهن. هن چيو ته ظلم هڪ حد تائين برداشت ڪري سگهجي ٿو. ڪالهه بنگلاديش ٺهيو هو، جيڪڏهن ظلم ڪندا رهندو ته سڀاڻي سنڌوديش به بڻجي سگهي ٿو. ۽ پختونستان به بڻجي سگهي ٿو. هي آئين جي خلاف ورزي ڪري رهيا آهن ڇا ڪراچي کي اسلام آباد وارا هلائيندا.؟ هن حڪومت کي هاڻ گهر وڃڻ گهرجي. ايم ڪيو ايم جا ميمبر به هاڻ استعيفيٰ ڏين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *