اسلام آباد(بيورو)وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغانستان ۾ آمريڪا جي ڪامياب نه ٿيڻ جو الزام پاڪستان تي لڳائڻ غير منصفاڻو آهي.وزيراعظم عمران خان روسي ٽي وي آر ٽي کي انٽرويو ڏيندي چيو ته دهشتگردي خلاف آمريڪا جي جنگ ۾ پاڪستان کي وڏو نقصان کڻڻو پيو، اسان 70 هزار حياتيون وڃايون ۽ 100 ارب ڊالر جو نقصان پڻ ٿيو، پاڪستان کي آمريڪا جي ان جنگ ۾ غير جانبدار رهڻ گهرجي ها، مان شروع کان ان جنگ جي خلاف هوس، اسان نائن اليون کانپوءِ آمريڪا جي جنگ نه وڙهون ها ته اسان دنيا جو خطرناڪ ملڪ نه هجون ها.عمران خان چيو ته ايتري نقصان جي باوجود آخر ۾ آمريڪا جي ناڪامي تي اسان ئي ڏوهي قرار ڏنو ويو ۽ آمريڪا پنهنجي ناڪامين جو الزام پاڪستان تي لاڳو آهي، اها پاڪستان سان ناانصافي آهي.وزيراعظم چيو ته سوويت يونين خلاف جنگ جو فنڊ آمريڪي ڳجهي ايجنسي سي آءِ اي ڏنو هو ۽ پاڪستان مجاهدن کي تربيت ڏني، هڪ ڏهاڪي کانپوءِ جڏهن آمريڪا افغانستان ويو ته چيو ويو ته جهاز نه اها دهشتگردي آهي، اهو تمام وڏو تضاد هو جنهن کي مون محسوس ڪيو، جڏهن ته آمريڪا جو اتحادي بڻجڻ سان اهي گروپس به اسان جي خلاف ٿي ويا.