ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)گورنر سنڌ عمران اسماعيل چيو آهي ته ڪنهن جا اختيار گهٽ ڪرڻ ۽ ارڙهين ترميم جي خاتمي جو ڪوبه پروگرام ناهي.سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته عمران اسماعيل صرف وفاق جو نه پر سنڌ جو به نمائندو آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه قائداعظم جي مزار تي گورنر سنڌ عمران اسماعيل سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪشميرين تي ٿيندڙ ڀارتي ظلمن جي مذمت ڪريون ٿا.ڪشمير جي مسئلي تي پوري قوم گڏ اهي. پاڪستان کي پرامن بنائڻ جي لاءِ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. گورنر سنڌ عمران اسماعيل چيو ته ڪنهن جو به اختيار گهرڻ ۽ ارڙهين ترميم جيخاتمي جو ڪوبه پروگرام ناهي. ڪراچي جي بهتري لاءِ ڪيترائي قدم کڻڻا آهن.ڪراچي پاڪستان جو معاشي حب آهي. بهترين اولين ترجيح آهي ته ڪراچي جي ماحول کي پرامن بنايو وڃي. ڪراچي جي انتظام ۾ بهتري لاءِ بهتر ڪوششون ڪيون پيون وڃن. عمران اسماعيل چيو ته سموري دنيا ۾ ڪشميرين جي آواز کي پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ آهي