وفاق ڪراچي لاءِ جيترا به منصوبا ٺاهي کيس سنڌ حڪومت جي دروازي مان گذرڻو پوندو: سعيد غني

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سُڌ سماءُ واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته وفاق ڪراچي جي لاءِ جيترا به منصوبا ٺاهي کيس سنڌ حڪومت جي دروازي مان گذرڻو پوندو.ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته تازو ڪراچي اندر ڪلين ڪراچي مهم شروع ڪئي وئي جنهن جي لاءِ چندو به گڏ ڪيو ويو پر ان مهم ڪراچي کي وڌيڪ گندو ڪري ڇڏيو. ڪراچي صفائي مهم ڪٿي آهي ۽ صفائي ڪرڻ وارا ڪٿي آهن. وزيراعظم کي ڪلين ڪراچي مهم جي حقيقت جي خبر پئجي وڃي ته هو علي زيدي کي فوري طور برطرف ڪري ڇڏيندو. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته ٻڌو آهي ته وزيراعظم هاڻ وري هڪ ٻئي نئين ڪميٽي ٺاهي رهيو آهي.  سعيد غني چيو ته ڪميٽيون ٺاهڻ ڪراچي جي مسئلن جو حل ناهي. ڪميٽين جو درامو بند ڪيو وڃي. وفاق ڪراچي جي لاءِ جيترا منصوبا ٺاهي کيس سنڌ حڪومت جي دروازي مان گذرڻو پوندو. جڏهن ته ڪراچي جي لاءِ ٺاهيل ڪميٽي تي سنڌ حڪومت کان صلاح مشورا به نه ڪيا ويا.سعيد غني چيو ته فريال ٽالپر سان اهڙو رويو اختيار نه ڪريو جيڪو  عادي ڏوهاري سان ڪيو ويندو آهي. فريال ٽالپر مٿان ڪوبه الزام ثابت ناهي ٿيو. هن چيو ته جيڪڏهن 13 سيپٽمبر تي فريال ٽالپر کي اسيمبلي نه آندو ويو ته سنڌ اسيمبلي جا ميمبر لاهور ويندا ۽ پنجاب جي عوام کي ٻڌائيندا ته انتقام جي باهه ۾ انڌي حڪومت پنهنجون آئيني ۽ قانوني تقاضائون به پوريون نه ڪري رهي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *