اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس آصف سعيد کوسه چيو آهي ته سول سوسائٽي جو هڪ طبقو جڊيشل ايڪٽوزم ۾ عدم دلچسپي تي ناخوش آهي، پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ وارو اختيار قومي معاملن تي استعمال ڪيو ويندو ۽ هن مسئلي کي هڪ ڀيرو سدائين لاءِ حل ڪيو ويندو. سُپريم ڪورٽ ۾ نئين عدالتي سال جي شروعات جي حوالي سان تقريب ٿي، جنهن کي خطاب ڪندي چيف جسٽس آصف سعيد کوسه چيو ته کيس ڀلي ڀت ڄاڻ آهي ته سول سوسائٽي جو هڪ طبقو جڊيشل ايڪٽوزم ۾ عدم دلچسپي تي ناخوش آهي. اُهو ئي طبقو ڪجهه مهينا اڳ جڊيشل ايڪٽوزم تي تنقيد ڪري رهيو هو. چيف جسٽس چيو ته اسان سمجهون ٿا ته سو موٽو تي عدالت طرفان پاسو ڪرڻ وڌيڪ محفوظ ۽ گهٽ نقصانڪار آهي. معاشري جو اُهو طبقو ڪجهه ماڻهن جي مطالبي تي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ کي ساراهيندو آهي. اسان آئين ۽ قانون پٽاندڙ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ واري عزم تي قائم آهيون. عدالتي عمل ۾ دلچسپي رکندڙ درخواستون داخل ڪرائين، اُنهن تي فيصلو ٿيندو.