راولپنڊي (ڊيسڪ رپورٽ) پاڪ فوج جي چئن ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي آهي. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪ آرمي جي چئن ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرلز جي عهدن تي ترقي ڏني وئي آهي. بيان موجب ترقي ماڻيندڙن ۾ ميجر جنرل محمد عامر، ميجر جنرل محمد چراغ حيدر، ميجر جنرل نديم احمد انجم ۽ ميجر جنرل خالد ضياءُ شامل آهن.