راولپنڊي (م ڊ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته ڀارت ڪشمير ۾ نئين جنگ جو ٻج ڇٽي رهيو آهي، پاڪ فوج هر صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي ۽ ڪشمير تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي ناهي ڪئي وئي. راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ميجر جنرل آصف غفور چيو ته والاريل ڪشمير ۾ نسل ڪُشي ٿي رهي آهي، ڀارت ڪشمير ۾ جيڪو ڪجهه ڪيو، اُهو نئين جنگ جو ٻِج ڇَٽي رهيو آهي. تڪليفن باوجود ڪوشش ڪئي آهي ته ڪشمير مسئلي جو پُرامن حل نڪري، ڀارت ڪشمير ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون تيز ڪري ڇڏيون آهن ۽ ڀارت جي اپويشن ليڊر کي به ڪشمير وڃڻ جي اجازت نه ڏني وئي آهي. ڀارت چاهي ٿو ته والاريل ڪشمير جي ڊيموگرافي ائين تبديل ڪئي وڃي جو اُتي مسلمانن جو رهڻ ڏکيو ٿي وڃي. والاريل ڪشمير جي مسئلي جو حل گڏيل قومن جي ٺهراءُ ۾ موجود آهي. پريس ڪانفرنس دوران ڊي جي آءِ ايس پي آر والاريل ڪشمير جي ڪشميرين کي پيغام ڏنو ته اسان توهان سان گڏ بيٺل هئاسين ۽ آهيون، ڪشميرين جي موجوده ڏکيائين جو احساس آهي، پاڪ فوج ڪنهن به صورتحال لاءِ تيار آهي، ڪشمير اسان کي جان کان وڌيڪ ويجهو آهي ۽ اهو ئي ڪٿي سگهي ٿو ته ڪشمير مسئلي ۾ مصحلت کان ڪم ورتو وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ ميجر جنرل آصف غفور چيو ته ڀارتي ميڊيا الهيون ائين ڪندي آهي جو ڄڻ ته اسان سان گڏ ويٺي هجي. سڀني کي خبر آهي ته ٽرمپ سڌو ۽ منهن تي ڳالهائڻ وارو ماڻهو آهي. ڪشمير تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ٿي آهي. 72 سالن کان ڪشمير ڪاز تان نه هٽيا آهيون ته هاڻي ڪيئن هٽي سگهون ٿا. پريس ڪانفرنس دوران ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڀارت ۾ مسلمانن سوڌو ٻيون اقليتون انتهاپسند سوچ جو شڪار آهن، پاڪستان خلوص سان ڳالهين جي آڇ ڪئي پر ڀارت جواب ۾ جهاز ڏنا، پوءِ ڀارتي جهازن جو جيڪو حال ٿيو، اُهو سڀني ڏٺو. جنگيون هٿيار ۽ معيشت سان نه وڙهيون وينديون آهن، 2 ائٽمي قوتن ۾ جنگ جي گنجائش نه هوندي آهي.