عالمي برادري کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن کان آگاهه ڪيو پيو وڃي: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد(بيور)پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته  ڪشمير جي صورتحال تي روزانو ٻن چئن پرڏيهي وزيرن سان رابطو ٿيندو آهي. عالمي برادري کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن کان آگاهه ڪيو پيو وڃي.پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سماجي رابطي جي ويب سائيٽ تي ٽوئٽ ڪندي چيو ته والاريل ڪشمير جي سنگين انساني بحران عالمي ڌيان حاصل ڪري ورتو آهي. يورپي يونين جي پارليامينٽ والاريل ڪشمير ۾ ڪرفيو ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، والاريل ڪشمير جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي. مسلسل ڪرفيو سبب انساني بحران ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. دنيا کي باخبر رکڻ چاهيون ٿا. ڪشميرين جي حقن لاءِ جدوجهد جاري رکنداسين.هن وڌيڪ چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ٻارن سان جيڪو ڪجهه ڪيو پيو وڃي اهو بيان جوڳو ناهي. ڀارت ۾ ورهاست واضح ٿي چڪي آهي. ڀارتي اپوزيشن اڳواڻن پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪيو آهي. جيڪڏهن سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي ته اپوزيشن کي سري نگر ۾ وڃڻ کان ڇو پيو روڪيو وڃي.ڀارت ۾ 5 آگسٽ جي قدمن خلاف 14 درخواستون داخل ٿي چڪيون آهن. ڀارتي عدالتون ۽ جج مودي سرڪار جي دٻاءُ ۾ آهن. سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات کي والاريل ڪشمير جي معاملي تي اعتماد ۾ وٺنداسين آمريڪا ۽ يورپ ۾ رهندڙ پاڪستاني متحرڪ ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *