والاريل ڪشمير جي معاملي ۾ ڀارت جي ڪوششن باوجود کيس هر ميدان ۾ شڪست ملي رهي آهي: پرڏيهي وزير

اسلام آباد(بيورو) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته والاريل ڪشمير جي معاملي ۾ ڀارت جي ڪوششن جي باوجود کيس هر ميدان ۾ شڪست ملي رهي آهي.صحافين سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت  سخت ڪوششن جي باوجود يورپي يونين جي پارليامينٽ واري ايجنڊا ۾ ڪشمير تي بحث کي نه روڪرائي سگهيو ۽ او آءِ سي جي اجلاس کي به خاموش نه رکي سگهيو. ڀارت ڪافي ڪوششن جي باوجود دنيا کي قائل نه ڪري سگهيو ته ڪشمير ان جو اندروني معاملو آهي، ڀارت کي هر ميدان ۾ شڪست ملي رهي آهي.هن چيو ته اولهه جي ميڊيا ۾ مودي سرڪار کي هٽلر سان ڀيٽيو پيو وڃي. عالمي  طاقتن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هيومن رائيٽس ڪائونسل ۾ هڪ آزمائش ٿيندي ان ادارن جي جيڪا انساني حقن جون علمبردار آهن. پرڏيهي وزير چيو ته ڪنهن راءِ کي قائم ڪرڻ ۾ وقت لڳندو آهي.ڪشمير بابت سموريون مشڪلاتون ختم ٿينديون پيون وڃن. شاهه محمود قريشي ٻڌايو ته اسان پرڏيهي وزارت ۾ ڪشمير سيل قائم ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ اڱاري جي ڏينهن پهريون اجلاس ٿيندو. ڪشمير سيل ۾ سمورا اسٽيڪ هولڊرز موجود هوندا ۽ پنهنجي راءِ وزيراعظم کي ڏيندا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *