اسلام آباد (ڊيسڪ رپورٽ) آصفه ڀٽو پنهنجي ڀاءُ ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو سان گڏ سياسي سرگرميون ڪرڻ جو اشارو ڏيندي چيو آهي ته سياسي دڳ ذريعي ئي هو عوام لاءِ آواز اٿاري سگهي ٿي، پنهنجي والد آصف زرداري جي صحت جي حوالي سان ڳڻتي ظاهر ڪندي آصفه ڀٽو چيو ته کيس جيل بدران اسپتال ۽ ڊاڪٽرز جي نگراني ۾ هجڻ گهرجي. برطانوي خابرو اداري کي ڏنل خصوصي انٽرويو ۾ آصفه ڀٽو چيو ته سياست ۾ اچڻ سندس مجبور نه آهي، پر سندس ڪوششن جي پورائي جو دڳ ضرور آهي، جنهن ذريعي هو عوام جي حقن لاءِ آواز اٿاري سگهي ٿي. ناني (شهيد ذوالفقار ڀٽو) عوامي حقن لاءِ آواز بلند ڪرڻ کي تجيح ڏني، امان به اهو ئي دڳ ورتو هو، هاڻ ڀاءُ به ناني ۽ والده جي سوچ کي اڳتي وٺي وڃي رهيو آهي. بلاول سڄي پاڪستان لاءِ ڳالهائيندو آهي ۽ آئون به ساڻس گڏ عوام جو آواز بڻجديس. هڪ سوال جي جواب ۾ آصفه ڀٽو چيو ته موجوده حڪومت جي قدمن کي سمجهڻ لاءِ ڪنهن سياسي پنڊت جي ضرورت نه آهي، ڇاڪاڻ جو ملڪي حالتون اُن کي بهتر نموني بيان ڪري رهيون آهن. عمران خان ۽a پرويز مشرف جي حڪومتن ۾ گهڻي ڀاڱي هڪجهڙائي آهي، عمران خان جي ڪابينا اُها آهي، جيڪا پرويز مشرف جي هئي. اظهار جي آزادي تي راتاهو ۽ انساني حقن جي پائمالي، اهو سڀ ڪجهه عمران خان جي حڪومتي ۾ به ٿي رهيو آهي. آصف ڀٽو انٽرويو ۾ چيو ته جڏهن هو والد آصف زرداري سان ملڻ لاءِ اسپتال پهتي ته اُن وقت سندس هٿ ۾ عدالتي حڪم موجود هو، پر جڏهن اسپتال پهتي ته انتظاميا در بند ڪري ڇڏيا، هوءَ ڪنهن طريقي سان اسپتال ۾ داخل ٿي وئي ۽ والد جون طبي ٽيسٽس پوريون ٿيڻ جو انتظار ڪري رهي هئي. جڏهن کيس (آصف زرداري) کي واپس آندو پئي ويو ته اٽڪل 30 اهلڪارن سندس گهيرو ڪري ورتو، عورت اهلڪارن اسان سان بدتميزي ڪئي ۽ مرد اهلڪارن وري ڌِڪا ڏنا. هُن چيو ته هوءَ ڪنهن طريقي سان اڳتي نڪري وئي ۽ والد جو هٿ پڪڙيو، کيس ڪمري تائين وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي پر عورت اهلڪار پوئتي ڌڪا ڏئي رهيون هيون. برطانوي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ آصفه ڀٽو چيو ته ڊاڪٽرز کيس ٻڌايو ته اُهي آصف زرداري جي صحت لاءِ پريشان آهن، ڇاڪاڻ جو سندس 3 شريانيون (نسون) بند آهن. هو نه رڳو شگر جو مريض آهي، پر ڪيترائي سال جيل ڪاٽڻ کانپوءِ کيس چيلهه ۽ اسپائين جي مسئلن جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. ڊاڪٽرز جو چوڻ آهي ته آصف زرداري کي وڌيڪ صحيح علاج ۽ ٽيسٽ جي ضرورت آهي. آصفه ڀٽو ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته ڊاڪٽرز تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي ۽ سندن اجازت کانسواءِ آصف زرداري کي واپس جيل موڪليو ويو آهي. هوءَ والد جي علاج مان بلڪل مطمئن نه آهي، کيس اسپتال ۽ ڊاڪٽرز جي نگرانيءَ ۾ هجڻ گهرجي ها، جيستائين ڊاڪٽرز اهو نه چون ته سندس والد هاڻي ٺيڪ آهي ۽ جيل واپس وڃي سگهي ٿو.