ٺٽو (رپورٽر) وڏي وزير مراد علي شاهه ڪي فور منصوبي جو جائزو وٺڻ بعد چيو آهي ته منصوبي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ وفاقي سرڪار جو سهڪار گهربل آهي. وڏو وزير مراد علي شاهه ۽ گورنر عمران اسماعيل ڪينجهر ڍنڍ تي ڪراچي کي پاڻي مهيا ڪرڻ واري ڪي فور منصوبي جو جائزو ورتو، اُن موقعي تي ترقي ۽ رٿابندي کاتي جو وفاقي وزير خسرو بختيار، صوبائي وزير ناصر شاهه ۽ ٻيا به موجود هئا. دوري دوران ڊي جي ايف ڊبليو او ميجر جنرل انعام حيدر ملڪ طرفان منصوبي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اُن موقعي تي ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته وفاقي سرڪار سهڪار ڪيو ته ڪي فور منصوبو مڪمل ٿي سگهي ٿو، منصوبي لاءِ 30 ميگاواٽ جي پاور پلانٽ جي ضرورت آهي، جيڪو پاڻي فراهمي جي حوالي سان پمپنگ اسٽيشن تي لڳايو ويندو. منصوبي لاءِ حيسڪو جي بجلي مهانگي پوندي ۽ اُن جي نتيجي ۾ پاڻي ڪراچي واسين تائين پهچائڻ به مهانگو ٿي ويندو. اُن کان اڳ ڊي جي ايف ڊبليو طرفان بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته منصوبي مان 660 ملين گيلن پاڻي روزانو بنيادن تي مهيا ٿيندو ۽ ڪي فور منصوبي تي 70 سيڪڙو سوِل ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي.