اسلام آباد: (بيورو) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته والاريل ڪشمير جي صورتحال تي جيڪو اسان لاڳيتو چوندا آيا آهيون اڄ عالمي تنظيم جينوسائيڊ واچ به ان جي تصديق ڪري ڇڏي.انساني حقن جي عالمي تنظيم جينوسائيڊ واچ والاريل ڪشمير ۾ نسل ڪشي جي خطري جو الرٽ جاري ڪيو آهي. عالمي تنظيم گڏيل قومن کان ڀارت کي والاريل ڪشمير ۾ نسل ڪشي کان روڪڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته وادي ۾ لکين ڀارتي فوجي مقرر آهن ۽ والاريل ڪشمير ۾ وڏي پيماني تي قتل عام شروع ٿي سگھي ٿو.پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ان تي رد عمل ڏيندي چيو ته جيڪو اسان لاڳيتو چوندا آيا آهيون اڄ عالمي تنظيم به ان جي تصديق ڪري ڇڏي، والاريل ڪشمير ۾ قتل عام ٿي رهيو آهي، اها تنظيم سموري صورتحال ۽ علامتون ڏسي ڪري ئي الرٽ جاري ڪندي آهي.هن چيو ته وادي ۾ صورتحال ايتري خراب ٿي چڪي آهي جو جينوسائيڊ واچ کي الرٽ جاري ڪرڻو پيو، حالتن کان تنگ ڪشميري گھرن مان نڪرن ٿا ته ڀارتي فوج گوليون ٿي هلائي، جتي ڪرفيو هجي جتي دوائون ۽ کاڌو نه ملي رهيو هجي اتي عوام ٻاهر نڪرڻ تي مجبور ٿي ويندو آهي.