پ پ پ ايم اين اي فريال ٽالپر جي نيب هٿان گرفتاري ۽ کيس اسپتال کان جيل منتقل ڪرڻ خلاف پ پ پ ليڊيز ونگ تعلقي باقراڻي جي سڏ تي ريلي ڪڍي وئي

باقراڻي (رپورٽ نيڪ محمد تنيو)  پ پ پ ايم اين اي فريال ٽالپر جي نيب هٿان گرفتاري ۽ کيس اسپتال کان جيل منتقل ڪرڻ خلاف پ پ پ ليڊيز ونگ تعلقي باقراڻي جي سڏ تي ريلي ڪڍي وئي ، ريلي ۾ پ پ پ اڳواڻن سوين ڪارڪنن توڙي عورتن جي شرڪت ، گو عمران گو جا نعرا . رپورٽ موجب ؛ پ پ پ ايم اين اي فريال ٽالپر جي نيب هٿان گرفتاري ۽ کيس اسپتال کان جيل منتقل ڪرڻ خلاف پ پ پ ليڊيز ونگ تعلقي باقراڻي جي سڏ تي پ پ پ ليڊيز ونگ تعلقي باقراڻي جي صدر آپا ڪنيز بتول جتوئي ، نسرين چنه ، غلام فاطمه ، گل پري جي اڳواڻي ۾ ٽائون حال باقراڻي کان ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ پ پ پ تعلقي باقراڻي جو صدر طارق انور سيال ، پ پ پ  ضلعي لاڙڪاڻي جو انفارميشن سيڪريٽري محمد علي عرف امر خان ٻگهيو ، پ پ پ اڳواڻ عبدالرحمان جتوئي ، محمد مرتضيٰ مشوري ، سرائي منظور مڱڻ ، سردار محسن خان آريجو ، جان محمد بروهي ، خادم حسين تنيو ، عبدالواجد ٻگهيو ، استاد برڪت آريجو ، محمد ادريس مشوري ، سعيد احمد عباسي ، سيد احمد شاهه ، نظير حسين جتوئي ، شاهنواز سنديلو ، آفتاب ظفر سيال ، ديدار جتوئي ، اسرار تنيو ، ياسين ابڙو ، حافظ نياز حسين جتوئي ، نثار حسين جتوئي سميت سوين پ پ پ ڪارڪنن توڙي ليڊيز ونگ ڪارڪن عورتن شرڪت ڪئي  ، ريلي موهن جو دڙو روڊ کان ٿيندي پريس ڪلب باقراڻي تائين پهتي ، ان موقعي تي ڪارڪنن پاران گو عمران گو جا زوردار نعرا لڳايا ويا ، ريلي کي خطاب ڪندي ليڊيز ونگ تعلقي باقراڻي جي صدر آپا ڪنيز بتول جتوئي چيو ته اسان جي بهادر اڳواڻ ميڊم فريال ٽالپر کي ڪوڙن ڪيسن ۾ گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته سندس طبعيت خراب هئڻ باوجود نيب پاران کيس غير قانوني طور اسپتال کان جيل منتقل ڪيو ويو جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ، هنن چيو ته اڄ تعلقي باقراڻي جون نياڻيون سندس حمايت ۾ روڊن تي نڪري آهيون آهن ، هن چيو ته کيس جلد آزاد نه ڪيو ويو ته پوري ملڪ مان نياڻيون روڊن تي نڪري اينديون ، ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي پ پ پ ضلعي لاڙڪاڻي جي انفارميشن سيڪريٽري محمد علي عرف امر خان ٻگهيو چيو ته ڪڏهن به ايئن ناهي ٿيو جو ڪنهن به قيدي کي سج لٿي کان پوءِ جيل منتقل ڪيو ويو هجي ، هن چيو ته هو ميڊيڪل ليو تي هاسپيٽل هئي کيس رات جو 12 وڳي اٿاريو ويو ، هن چيو ته اهو ظلم ۽ زيادتي صرف هن سان ناهي پر اها ملڪ جي هر نياڻي سان زيادتي آهي ، هن چيو ته اسان اهڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي گهر ٿا ڪيون ته کيس بنا دير جي آزاد ڪيو وڃي .           

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *