اسلام آباد: (بيورو) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪشمير جي مسئلي تي پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪشمير مسئلي تي ٽياڪڙي جي لاءِ آمريڪي صدر جا شڪرگذار آهيون. ڊونلڊ ٽرمپ والاريل وادي جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.پرڏيهي وزير خطي جي صورتحال ۾ دلچسپي وٺڻ تي آمريڪي صدر جو شڪريو به ادا ڪيو. گذريل ڏينهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ وزيراعظم عمران خان جي وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه بابت هن چيو ته عمران خان ٽرمپ کي چيو ته ڀارت جي جارحانه پاليسي جاري آهي. وزيراعظم عمران خان آمريڪي صدر ٽرمپ کي چيو آهي ته انساني حقن جي ٽيمن کي والاريل ڪشمير موڪليو وڃي.ڀارتي بچاءُ واري وزير راج ناٿ سنگهه جي بيان کي غيرذميواراڻو قرار ڏيندي هن چيو ته ڀارت جي عوام ڳڻتي ۾ مبتلا آهي ته سرڪار اسان کي ڪيڏانهن ڌڪي رهي آهي. سموري دنيا ڀارتي بچاءُ واري وزير جو غيرذميواراڻو بيان ڏسي رهي آهي. چنار وادي جي حالتن جي باري ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير کي نيو ڪليئر فليش پوائنٽ بڻائي ڇڏيو آهي. وادي ۾ مسلمانن کي ذبح ڪيو پيو وڃي.والاريل ڪشمير ۾ 3 هفتن کان ڪرفيو لاڳو آهي. اسڪول بند پيا آهن، والاريل رياست جي عوام کي عيد جي نماز به پڙهڻ نه ڏني وئي ۽ نه وري کين قرباني ڪرڻ ڏني وئي. وادي ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي انهيءَ جي سڀني کي خبر آهي. پرڏيهي وزير چيو ته آر ايس ايس جي صفن ۾ جنم وٺندڙ حڪومت خطي جو امن داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي. اسان جي سوچ آر ايس ايس جيان ناهي اسان پنهنجي اقليتن جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻون ٿا. شاهه محمود قريشي چيو ته ڪشمير مسئلي تي سڀ گڏ آهن. هي تنقيد جو وقت ناهي ڪشمير جي معاملي کي سمجهڻ جي ضرورت آهي.اپوزيشن پهريان ئي چئي چڪي آهي ته والاريل ڪشمير جي معاملي تي حڪومت سان گڏ آهيون. ڪشمير مسئلي تي اپوزيشن کان تجويزون به گهريون آهن. ڪشميري عوام ڪشمير مسئلي ۾ بهتر ڪردار ادا ڪري رهي آهي.