سعودي ولي عهد جو وزيراعظم سان ٽيليفون تي رابطو: ڪشمير معاملي تي ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد: (بيورو) سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي وزيراعظم عمران خان سان ٽيليفون تي ڳالهيون ٿيون آهن.عرب ميڊيا موجب سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز جي عمران خان سان يليفون تي  ڳالهه ٻولهه  گذريل رات ٿي.سعودي عرب جي ولي عهد ڪشمير جي معاملي تي وزيراعظم سان ڳالهيون ڪيون. جڏهن ته پاڪستاني وزيراعظم عمران خان کيس ڪشمير جي تازي صورتحال جي باري ۾ آگاهي ڏني.ان کان علاوه ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ خطي جي گڏيل صورتحال جو به جائزو ورتو ويو. ان کان اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو هو ته هن ڪشمير مسئلي تي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ۽ عمران خان سان ڳالهيون ڪيون آهن.سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ آمريڪي صدر چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت کي ڪشمير بابت ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي ۽ ان حوالي سان ڳالهه ٻولهه بهتر رهي. هن چيو ته ٻنهي اڳواڻن سان واپار ۽ اسٽريٽجڪ معاملن تي به ان جي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *