اشتهار انهن اخبارن کي ڏبا جيڪي اي بي سي سرٽيفائيڊ ۽ ميڊيا لسٽ تي هجن؛سعيد غني

ڪراچي (هه آ)  سنڌ جي اطلاعات ۽ محنت واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته هن پوري صوبي ۾ 734 روزنامه، هفتيوار، پندره روزا، ٽي ماهي ۽ ڇھ ماهي اخبارون ۽ رسالا ڇپجي رهيا آهن. انهن مان 413 اخبارون روزاني اخبارون آهن. اشتهارن لاءِ اخبارن جي شايع ٿيڻ جي ڪا به پابندي ناهي. پر اشتهار انهن سمورن اخبارن کي جاري ڪري سگھجن ٿا جيڪي اي بي سي سرٽيفائيڊ هجن ۽ ميڊيا لسٽ تي هجن ۽ اسان جي ڪوشش هوندي آهي ته اسان ننڍن اخبارن کي مالي طور مستحڪم ڪرڻ لاءِ انهن کي به اشتهار ڏيون. هن وقت اسين 2002 جي ايڪٽ جي تحت اطلاعات کاتو هلائي رهيا آهيون. پر 18 هين ترميم کان پوءِ صوبن وٽ نوان ايڪٽ بنائڻ ۽ پاليسيون جوڙڻ جا اختيار اچي ويا آهن ۽ اسان گذريل سال صوبي ۾ نئين ايڪٽ جي حوالي سان ڪم جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي. پر ان ۾ ڪجھ صحافي تنظيمن ۽ پريس ڪلبن ۽ صحافين کي ڪجھ اعتراض آهن جنهن تي ڪميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا ان ايڪٽ ۾ ترميم ۽ ٻين اشوز تي متفقه طور تي هڪ لائحه عمل مرتب ڪري ڏيندي. جنهن کان پوءِ اهو ايڪٽ اسمبلي مان منظور ڪرايو ويندو. سنڌ آرڪائيوز ۾ هن وقت جيڪي تاريخي دستاويز ، ڪتاب ۽ نقشه موجود آهن ۽ انهن کي محفوظ ڪرڻ جي حوالي سان جديد ٽيڪنالوجي جو استعمال ڪيو پيو وڃي ائين ملڪ جي ڪنهن به ٻئي صوبي ۾ نٿو ٿئي. هو اڱاري واري ڏينهن سنڌ اسمبلي جي سوالن جي وقفي جي دوران مختلف ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏئي رهيو هو. وزير اطلاعات سعيد غني چيو ته هن وقت پوري صوبي ۾ 734 روزنامه، هفتيوار، پندرنهن ڏينهن وارا، ٽن ماهي، ۽ ڇهن ماهي اخبارون ۽ رسالا ڇپجندا آهن، ان مان 413 اخبارون رزانيون، جن مان اردو روزنامن جو انگ 226، انگريزي جا 49، سنڌي جا 134 جڏهن ته گجراتي جا 3 ۽ بلوچي زبان جو هڪ روزنامون شامل آهن. هن چيو ته اخبارن جي رجسٽريشن جي لاءِ ڊپٽي ڪمشنر جي ذريعي ان جو پروسيس ڪري ان کي پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (اسلام آباد) کي موڪليو ويندو آهي جيڪو ان کي منظوري ڏيندو آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب  ۾ سعيد غني چيو ته اخبارن کي اي بي سي سرٽيفائيڊ ۽ ميڊيا لسٽ به وفاقي ادارا پي آئي ڊي مان منظوري بعد ڏني ويندي آهي ۽ اهو 2002 جي ايڪٽ جي تحت آهي. هن چيو ته صوبي ۾ 413 روزناما ضرور آهن پر حقيقت اها آهي ته سمورا ڇندا ناهين ۽ ان لاءِ جيڪو قانون آهي ان جي تحت هر روزنامي کي پنهنجي روز جي اشاعت جون 4 ڪاپيون انفارميشن ڊپارٽمينٽ سنڌ کي موڪلڻيون هونديون آهن. ۽ جيڪڏهن ڪو ان ۾ ڪامياب ناهي ٿيندو ته اطلاعات کاتو ان کي نوٽيس ۽ بعد ۾ فائنل نوٽيس موڪليندو آهي. ۽ ان کان پوءِ ان جي خلاف ڪارروائي ۽ ان جي ڊڪليريشن رد ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنر کي لکت ۾ خط موڪليو ويندو آهي جيڪو پنهنجي ڪارروائي کان پوءِ مجاز آهي ته ان اخبار جي ڊڪليريشن رد ڪري. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وزير چيو ته اشتهارن لاءِ اخبارون ڇاپڻ جي انگ تي ڪا به پابندي ناهي پر سيپرا ۽ ٻين ٽينڊرز جي اشتاعت لاءِ 3 کان 4 زبانن جي وڏي اخبارن جي شرط آهي جنهن کي پورو ڪيو ويندو آهي پر ٻيا اشتهار سمورن اخبارن کي جاري ڪري سگھجن ٿا. جيڪي اي بي سي سرٽيفائيڊ هجن ۽ ميڊيا لسٽ تي هجن ۽ اسان جي ڪوشش هوندي آهي ته اسان ننڍن اخبارن کي به مالي طور مستحڪم ڪرڻ لاءِ انهن کي اشتهار ڏيون. پر جيئن ته 18هين ترميم کان پوءِ صوبن وٽ نئون ايڪٽ بڻائڻ ۽ پاليسيون جوڙڻ جو اختيار آهي. ۽ اسان گذريل سال صوبي ۾ نئين ايڪٽ تي ڪم ڪيو آهي ر ان ۾ ڪجھ صحافي تنظيمن ۽ پريس ڪلبن ۽ صحافين کي اعتراض  هئا. جنهن تي ڪميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا ان ايڪٽ ۾ ترميم ۽ ٻين اشوز تي لائحه عمل تيار ڪري ڏيندي. جنهن کان پوءِ اهو ايڪٽ سنڌ اسمبلي ۾ منظوپري لاءِ پيش ڪيو ويندو. هن چيو ته ان ايڪٽ ۾ جتي اخبارن جي ڊڪليريشن ۽ ٻيا معاملا جيڪي هن وقت وفاقي اداري پي آي ڊي وٽ آهن اهي سنڌ انفارميشن ڊپارٽمينٽ وٽ اڇي ويندا جنهن سان اسين اخبارن جي باري ۾ وڌيڪ واضع پاليسيون جوڙي سگھنداسين ۽ اشتهارن جي حوالي سان به ڪا پاليسي جوڙي سگھنداسين. جنهن سان شفافيت جو عنصر وڌيڪ بهتر ٿيندو. هڪ سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته سنڌ جي اطلاعات کاتي جو اشتهارن جي ڏس ۾ ساليانو بجيٽ تقريبن 5 ارب روپيا آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته گزيٽ نوٽيفڪيشن مختلف ادارن جا انهن جي پنهنجي ويب سائيٽ تي شايع ٿيندا آهن پر اسان هاڻ ان کي هڪ پليٽ فارم يعني اطلاعات کاتي جي ويب سائيٽ سان الائيزڊ طريقي سان شايع ڪنداسين. پيپلز پارٽي جي عورت ميمبر غزاله سيال جي هڪ سوال جي جواب ۾ وزير اطلاعات سنڌ سعيد غني چيو ته هن وقت صوبي ۾ 67 نيوز ايجنسيون رجسٽرڊ آهن ۽ حيرت انگيز طور تي اهي سڀ ڪراچي ۾ ئي رجسٽرڊ آهن سنڌ جي ٻئي ڪنهن به ضلعي ۾ ڪا به نيوز ايجنسي رجسٽرڊ ناهي هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نيوز ايجنسي جي رجسٽريشن جو طريقيڪار به اهڙو ئي آهي جئين اخبار جي ڊڪليريشن هوندي آهي. اخبارن جو ڊڪليريشن جو اختيار ڊي سي جي بجائي کاتي وٽ هجڻ جي سوال جي جواب ۾ وزير اطلاعات سنڌ سعيد غني چيو ته وفاقي حڪومت جي 2002 جي ايڪٽ ۾ اهو اختيار ڊپٽي ڪمشنر وٽ آهي ۽ جيئن ته اسان اڃان ايڪٽ منظور ناهي ڪرايو ان ڪري سموريون ڪارروائيون ڃاڻايل 2002 ايڪٽ جي تحت ئي صوبي ۾ رائج آهي. جڏهن صوبو پنهنجو ايڪٽ بڻائي ويندو پوءِ اسان ان ۾ ان سلسلي ۾ ڪا ترميم ڪري سگھون ٿا. اطلاعات کاتي جي تحت صحافين جي تربيت جي باري ۾ پچيل سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وزير چيو ته اطلاعات کاتي تحت صحافين کي ڪنهن به قسم جي ڪا به تربيت ناهي ڏني ويندي جڏهن ته خناگي ٽي وي چئنل ۽ اخبارون ۽ اين جي اوز ان قسم جا تربيتي پروگرام ترتيب ڏينديون آهن ۽ اهي جيڪڏهن اطلاعات کاتي کي سهڪار جي درخواست ڪندا آهن ته اسين انهن سان سهڪار ڪندا آهيون سوالن جي وقفي جي دوران اپوزيشن ميمبر عارف مصطفيٰ جتوئي پاران آرڪائيوز جي حوالي سان سوالن جي جواب ۾ اطلاعات واري وزير چيو ته سنڌ آرڪائيوز ۾ هن وقت تاريخي دستاويز، ڪتاب ۽ نقشا موجود آهن ۽ انهن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ جديد ٽيڪنالوجي جو استعمال هتي ٿي رهيو آهي ائين ملڪ جي ڪنهن به ٻئي صوبي ۾ ناهي . هن چيو ته اسان جي آرڪائيوز ڊپارٽمينٽ جي هڪ خوبصورت ۽ جديد گھرجن سان ڀرپور عمارت ڪلفٽن جي علائقي ۾ موجود آهي جتي ڪلهوڙو دور  کان سمورو تاريخي ورثو چاهي چاهي اهو ڪتابن جي صورت ۾ هجي يا نقشي جي صورت ۾ مختلف دورن جي اسيمبلين جي ڪارروائي جي صورت ۾ اتي محفوظ ڪيو پيو وڃي ۽ اسان 18 هين ترميم کان پوءِ ٻين صوبن کان به سنڌ جي ان قديم ورثي ۽ هتان جي دستاويز کي ٻين صوبن ڱان به منقتل ڪيو آهي جڏهن ته برطانيا ۽ ٻين شهرن ۾ سنڌ جي حوالي سان لکيل صديون پراڻن ڪتابن کي به ان عمارت جي مختلف لائبريرن ۾ محفوظ ڪيو ويو آهي. هن چيو ته آرڪائيوز کاتي هن سال پنجن نئين اسڪيمن تي ڪم جي شروعات ڪئي آهي جنهن ۾ مختلف ۾ ان قسم جي عمارتن ۽ اتان جي رڪارڊ کي ان ئي عمارت ۾ محفوّظ ڪرڻ جي انتطامن سميت ٻيا شامل آهي. هن هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ چيو ته اڃان تائين کاتي پاران ريسرچ جي حوالي سان ڪنهن به يونيورسٽي سان ڪو به معاهدو ناهي ڪيو ويو پر اسان وٽ صوبي ۽ ملڪ جي مختلف يونيورسٽين ۽ ڪالجيز جا شاگرد ۽ ساگردياڻيون ۽ ريسرچ ڪندڙ ان عمارت جو دورو ڪندا آهن ۽ ان ريسرچ ۾ آرڪائيوز کاتو سهڪار فراهم ڪندو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته سموري رڪارڊ کي محفوظ ڪرڻ سان گڏوگڏ اسان ويب سائيٽ ۽ مختلف موبائل ايپ جي ذريعي ان جي پوري دنيا تائين رسائي جي حوالي سان به پاليسي جوڙي رهيا آهيون ۽ ان تي ڪم جاري آهي.        

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *