نئين دلي: (م ڊ) ڀارت جي بچاءُ واري وزير راج ناٿ سنگهه هڪ ڀيرو ٻيهر تاريخي حقيقتن کي نظرانداز ۽ مودي سرڪار جي جارحاڻي عزمن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان سان ڳالهيون والاريل ڪشمير تي نه پر صرف آزاد ڪشمير تي ٿي سگهن ٿيون.روايتي هٺ ڌرمي تي قائم ڀارتي بچاءُ واري وزير راج ناٿ سنگهه ايٽمي حملي ۾ اڳرائي ڪرڻ جو اشارو ڏيڻ کانپوءِ پنهنجو زهر اوڳاڇڻ کان باز نه آيو ۽ تازي بيان ۾ والاريل ڪشمير ۽ آزاد ڪشمير جي تاريخي حقيقتن کي مسخ ڪندي ڀڀڪي هنئي ته پاڪستان سان ڳالهيون صرف آزاد ڪشمير تي ٿي سگهن ٿيون.پاڪستان جي درخواست تي والاريل ڪشمير جي ڇڪتاڻ واري صورتحال تي ٿيندڙ سلامتي ڪائونسل جي اجلاس تي بوکلاهٽ جي شڪار دفاعي وزير چيو ته پاڙيسري ملڪ عالمي دروازو کڙڪايو آهي پر اسان مصروف عالمي طاقتن کي اهڙي معاملي ۾ الجهائڻ نه ٿا چاهيون جنهن کي اسان پاڻ حل ڪري سگهون ٿا.