نيويارڪ (اين اين آءِ) مليحه لوڌي چيو آهي ته سيڪيورٽي ڪائونسل جو اجلاس ٿيڻ ئي اسان جي سڀ کان وڏي ڪاميابي آهي ۽ ان جا اثر جلد آڏو اچڻ شروع ٿي ويندا هڪ انٽرويو ۾ ڊاڪٽر مليحه لوڌي چيو ته ڀارت پنهنجي طور تي سيڪيورٽي ڪائونسل جو اجلاس روڪڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي هئي جڏهن ته اسان اجلاس ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين ۽ هي پاڪستان جو پهريون سفارتي قدم آهي هن چيو ته ڪشمير جي مسئلي تي گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري جو بيان سٺو هو ۽ ان ڪسمير جي صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪئي انساني حقن جي تنظيمن به ڀارتي قدمن جي مذمت ڪئي آهي مليحه لوڌي چيو ته مان هن معاملي کان اڳ به والاريل ڪشمير جي مسئلي تي ايڪٽو هيس ۽ سوشل ميڊيا تي ڪشمير جي حمايت ۾ آواز اٿاريندي رهي آهيان هن وقت نئين صورتحال آڏو آئي آهي جنهن کان پوءِ اسان سيڪيورٽي ڪائونسل وياسين ۽ ڪشمير جي معاملي تي اواز اٿاريو هن چيو ته چين سان گڏ اسان به سيڪيورٽي ڪائونسل جو اجلاس سڏائڻ جي درخواست ڪئي هئي ۽ چين اسان جي حمايت تي درخواست ڪئي هئي والاريل ڪسمير جي معاملي تي سموريون سفارتي ڪوششون به ڪري رهيا آهيون گڏيل قومن ۾ اڳوڻي پاڪستاني نمائنده حسين هارون چيو ته سلامتي ڪائونسل هن معاملي کي کڻي بين الاقوامي عدالت ۾ موڪلي سگهي ٿو جنهن لاءِ ڪنهن جي اجازت جي ضرورت نه آهي هن چيو ته اسان کي انساني حقن جي معاملي تي وڌيڪ اهميت ڏيندي عالمي سطح تي اٿارڻ گهرجي ڀارت بين الاقوامي قانون جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي حسين هارون چيو ته هن وقت اڳيون قدم کڻڻ جو معاملو آهي ۽ ڏسڻو اهو آهي ته جنگ ۾ اڳرائي ڪير ڪري ٿو هن چيو ته پاڪستان کي هر قسم جي تياري رکڻ گهرجي ۽ ڪنهن به معاملي کي مذاق ۾ نه وٺڻ گهرجي پر اهو به ياد رکيو وڃي ته ڀارت پاڪستان کي ڪافي عرصي کان ئي ڌمڪيون ڏيئي رهيو آهي.